اسرائيل ۽ حزب الله ۾ جنگ جو خطرو

اسرائيل ۽ شام وچ ۾ گولان جي جبل جي چوٽيءَ مجدل شمس تي ٿيل حملي بعد اسرائيل ۽ حزاب الله وچ ۾ وري تڪرار اڀري پيو آھي.آمريڪا جو خيال آھي تھ ان سان جنگ جو خطرو پئدا ٿي ويو آھي.اسرائيل حملي لاءِ حزب الله کي ذميوار قرار ڏئي رھي آھي،جڏھن تھ حزب الله ان جي ترديد ڪري ٿي،

مجدل شمس اھڙو تڪراري جابلو علائقو آھي جتي رھندڙ ماڻھو تھ شامي آھن پر علائقو اسرائيل جي قبضي ۾ آھي.جنھن ڪجهھ ماڻھن کي شھريت ڏني آھي.اھو ڪافي حساس معاملو آھي ٿي ويو آھي.حزب الله گولان هائٽس جي علائقي مجدل شمس تي حملي جي ترديد ڪئي آهي. پر اسرائيل جو اصرار آهي ته اهو حملو لبناني هٿياربند گروپ ڪيو هو. جنهن ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.اسرائيل ان حملي جي بدلي وٺڻ جو اشارو ڏنو آهي.

آمريڪي عملدارن  خدشو  ظاھر ڪيو آهي ته مجدل شمس تي حملو حزب الله ۽ اسرائيل  ۾ ’باقاعده جنگ‘ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.آمريڪي عملدارن ان تي ڳڻتي بھ ظاھر ڪئي آھي ته اھڙي امڪاني جنگ علائقائي بحران کي وڌائيندي ۽ تڪرار ۾ آمريڪا جي وڌيڪ شموليت جو سبب بڻجندي.آمريڪي عملدارن  موجب آمريڪا گذريل 10 مهينن کان اهڙي صورتحال کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

گذريل سال 7 آڪٽوبر کان  اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.مجدل شمس جي واقعي تي گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد تي فائرنگ خطي کي "تباهي جي ڪناري تي” پھچائي سگهي ٿي، ٻنهي ڌرين کي سھپ جي مظاھر ڪرڻ  جي اپيل بھ ڪئي وئي آھي. ان کان اڳ اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو هو ته ميزائل گولان هائٽس جي هڪ ڳوٺ ۾ فٽبال جي ميدان ۾ ڪرڻ سان 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 زخمي ٿيا آھن.

اسرائيلي فوج جي ترجمان واقعي جو ذميوار حزب الله  تي وجھندي ۽ ان حملي کي 7 آڪٽوبر جي حملن کان پوءِ اسرائيل تي ”سڀ کان خطرناڪ حملو“ قرار ڏنو.

اسرائيلي فوج جي دعويٰ تي حزب الله واضح طور تي چيو آهي ته ان حملي سان ان جو ڪو به تعلق ناهي.ٻئي طرف آمريڪي عهديدار دعويٰ ڪئي آهي ته حزب الله جي اڳواڻن گڏيل قومن کي ٻڌايو آهي ته فٽبال گرائونڊ ۾ ڌماڪو اسرائيلي ميزائل شيل سبب ٿيو. جڏهن ته اسرائيلي فوج حزب الله جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جنگ کان بچڻ لاءِ سفارتڪارن  ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آھن. لبناني پرڏيهي وزير بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته اختيارين حزب الله کي روڪيو آھي تھ ”جوابي ڪارروائي نه ڪئي وڃي، جڏهن ته، لبناني حڪومت جو حزب الله تي محدود اثر آهي، جنهن کي آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين پاران دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي.

هوڏانهن اسرائيلي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب جنگ کان بچڻ جو واحد حل گڏيل قومن جي 2006ع جي قرارداد تي عمل آهي. سندس چوڻ آهي ته سفارتي سطح تي جنگ کان بچڻ لاءِ آخري ڪوششون ڪيون پيون وڃن .مجدل شمس شام جي ڏکڻ اولهه ۾ گولان پھاڙ جي چوٽيءَ ۾ واقع  ميدان آهي، جنهن کي وڏي علائقائي اهميت حاصل آهي.

اسرائيل  1967ع جي جنگ دوران اتي قبضو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي قبضي ۾ آهي. بهرحال، عالمي برادري اڃا تائين گولان هائٽس کي شام جو حصو سمجهي ٿي.شام جي دروز برادري اسرائيل جي ڪنٽرول هيٺ چئن علائقن ۾ رهي ٿي. پر مجدل شمس اهو علائقو آهي جتي درازا برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد آباد آهي.شامي حڪومت اڃا تائين مجدل شمس جي رهاڪن کي شام جو شهري سمجهي ٿي، جڏهن ته اسرائيل انھن ماڻھن کي 1981 ۾ مستقل شهريت جي آڇ ڪئي هئي.پر 2018 ۾ جاري ڪيل انگن اکرن موجب، صرف 20 سيڪڙو مجدل شمس هن وقت تائين اسرائيلي شهريت لاءِ درخواست ڏني هئي.

ٽائمز آف اسرائيل جي مطابق، گولان هائٽس ۾ رهندڙ دروز برادري اڃا تائين شام سان ويجهي لاڳاپا رکي ٿي. اسرائيلي اخبار موجب گولان جي چوٽين جي چئن علائقن ۾ رهندڙ ڊروز جي رهواسين جو ڪل تعداد 21 هزار آهي

جون 2015 ۾، شام جي گهرو ويڙهه دوران، مجدل شمس سان تعلق رکندڙ ماڻهن ٻن اسرائيلي فوجي ايمبولينس تي حملو ڪيو، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ايمبولينسون شام جي صدر بشار الاسد جي مخالف گروپ جا ميمبر کڻي وڃي رهيون هيون.مارچ 2019 ۾، ڊروز برادري جي سوين ماڻهن ڊونلڊ ٽرمپ جي گولان هائٽس کي اسرائيل جو حصو تسليم ڪرڻ جي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.