اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ريليون ۽ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڪالهه پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب، اسد قيصر ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو اعلان ڪيو، اسد قيصر چيو ته 5 آگسٽ تي ٻن اهم اشوز تي سڄي ملڪ ۾ جلسا ۽ وڏا مظاهرا ڪنداسين. سڀ کان پهرين 5 آگسٽ عمران خان جي گرفتاري جو ڏينهن آهي، کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو.اسد قيصر وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ تي مهانگائي ۽ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ٻين ميمبرن کي جيل ۾رکڻ خلاف احتجاج ڪيو ويندو.اسد قيصر دعويٰ ڪئي ته سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ سندس ايم ايل ايز تي وفاداريون مٽائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.جيڪڏهن توهان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي توهين ڪندا ته پوءِ پارليامينٽ جي ڪهڙي حيثيت رهي؟هن دعويٰ ڪئي ته سندن ايم اين ايز تي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۽ انٽيليجنس ايجنسين پاران دٻاءُ وڌو پيو وڃي.اسان جي 41 ايم اين ايز کي خاص طور تي نشانو بڻايو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اهڙيون حرڪتون ڪيون پيون وڃن، دٻاءُ وجهڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي توهين آهي، ڇا ملڪ ائين هلندو رهندو؟ ايم اين ايز تي دٻاءُ وجهڻ جي مذمت ڪجي ٿي.عمر ايوب چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز تحريڪ انصاف ۽ فوج کي هڪ ٻئي خلاف ڪرڻ چاهين ٿا، اهو ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي. حڪومت کي هوش ۾ اچڻ گهرجي، نئين چونڊون ئي ملڪ جي مسئلن جو واحد حل آهن.ٻي پاسي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسد قيصر دعويٰ ڪئي آهي ته ڊسمبر ۾ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي ۽ وزيراعظم عمران خان هوندو.