ميان منشاءُ، سلمان شهباز، جهانگير ترين آءِ پي پيز ۾ پئسا ڪمائيندڙ

اسلام آباد(م ڊ) ڪيپيسٽي پئمينٽ چارجز جي نالي پئسا ڪمائيندڙن جا نالا سامهون اچي رهيا آهن، جن جو ملڪ سان تعلق آهي. جيڪي بجلي پيدا ڪرڻ کان سواءِ به ڪيپيسي چارجز جي نالي تي عوام جي بلن ۾ ساليانو 1900 ارب روپين کان وڌيڪ ڪمائي رهيا آهن. انهن ۾ اڪثريت مسلم ليگين يا نواز شريف جي ويجهو رهندڙن جي آهي. انهن ۾ نشاط پاور ۽ ايم سي بي بئنڪ جو ميان منشاءَ نواز شريف جو ويجهو ماڻهو ( فرنٽ مين) آهي. ميان حسن منشاءَ به نشاط پاور ۽ ايم سي بي سان تعلق رکندڙ آهي ۽ نواز شريف جو ويجهو آهي. مسلم ليگ ق ۽ پي ٽي آءِ ۾ رهندڙ هاڻوڪي استحڪام پاڪستان پارٽي جو سربراهه جهانگير ترين ( جي ڊي ڊبليو گروپ) به آءِ پي پيز ذريعي پئسا ڪمائيندڙن ۾ شامل آهي.  وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز ( چنيوٽ پاور) به بنا بجلي جي پئسا ڪمائيندڙن ۾ شامل آهي.  سليم سيف الله (سيف پاور پراجيڪٽ)، سياسي وابستگي: اڳوڻو نواز ليگ، اڳوڻو جوڻيجو ليگ، اڳوڻو قاف ليگ، موجوده پاڪستان استحڪام پارٽي. انور سيف الله (سيف پاور پراجيڪٽ)، به نواز ليگ، جوڻيجو ليگ، پيپلز پارٽي، قاف ليگ ۽ هاڻ  استحڪام پارٽي ۾ شامل آهي. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ نديم بابر اورينٽ پاور ڪمپني، تحريڪ انصاف جي گذريل وفاقي حڪومت ۾ وزيراعظم جو پيٽروليم ۽ توانائي بابت خاص مددگار رهيو آهي.  اينگرو جو حسين دائود  به پئسا ڪمائيندڙن ۾ شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.