نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي اڳواڻي ۾ شهيدن جي مزارن آڏو ڌرڻو، خالد لنڊ ۽ سندس پٽ گرفتار ڪريو:امان پٺاڻي

سکر/ ميرپورمارٿيلو/ لاڙڪاڻو /نئون ديرو (رپورٽ آزاد مھر + خالد وسير + وحيد ابڙو+ محمد علي جروار) روزاني عوامي آواز جي بهادر رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ امان پٺاڻي سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ۽ تڪليفون سهي قافلي جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش پهچي شهيدن جي مزارن آڏو ڌرڻو هڻي ڇڏيو، امان پٺاڻي ھٿن ۾ زنجير ٻڌي شھيدن جي مزار اڳيان قاتل گرفتار ڪرڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. خبر موجب عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس امڙ امان پٺاڻي جي اڳواڻي ۾ سوين سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ شهرين جو قافلو ڪالهه ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ قبول گڏاڻي کان ڳڙهي خدابخش لاءِ روانو ٿيو، قافلي جي ميرپور ماٿيلو، گھوٽڪي، پنوعاقل، ٻٻرلو ۽ سکر سٽي وٽ مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين جي اڳواڻن، صحافين ۽ شھرين پاران گلن  جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي، شھيد جي امڙ تي گل نڇاور ڪري سندس جدوجهد کي خراج پيش ڪيو ويو، قافلي جي رستا روڪ لاءِ وڏي تعداد ۾ پوليس ڪمانڊوز ، اھلڪارن، ليڊيز اھلڪار به مقرر ڪيا ويا هئا، جن رستي تي ڪنٽينر بيھاري قافلي ۾ شريڪ گاڏين کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو، پر شھيد جي امڙ ۽ قافلي ۾ شريڪ مرد توڙي عورتون رڪاوٽون ٽوڙي مديجي موڙ وٽ گاڏيون بيھاري نٽڻ اس ۾ منزل طرف پيادل نڪري پيا، سخت گرمي سبب ڪيترا نوجوان به بيھوش ٿي ويا، پوليس مختلف ھنڌن تي ھر موڙ تي وڏي انگ ۾ پوليس اھلڪارن قافلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر قافلو پوليس جون سڀ رڪاوٽون ٽوڙي 12 ڪلو ميٽر مفاصلو پيادل طئي ڪري گڙھي خدا بخش پهتو، اتي به پوليس جي وڏي اٽالن ايس ايس پي لاڙڪاڻو شھيد بينظير ڀٽو جي مزار جا سمورا گيٽ بند ڪري ڇڏيا، پر مظاهرين گيٽ نمبر 12 اڳيان قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، ان دوران سخت گرمي سبب شھيد جي امڙ امان پٺاڻي بيھوش ٿي وئي، اھڙو اطلاع 1122 تي ڪيو ويو، رضاڪارن پهچي ايمولينس ۾ ئي هڪ ڪلاڪ تائين امان پٺاڻي جو علاج ڪيو، ھوش ۾ اچڻ بعد ٻيھر ڌرڻي ۾ ويھي رھي، احتجاج دوران انتظاميا کاڌي پيتي جا اسٽال به بند ڪرائي ڇڏيا، ان دوران مقامي رهواسين ٿڌي پاڻي جا ٽپ ڀري احتجاج ڪندڙن کي پاڻي پياريو، ڌرڻي دوران شهيد جي امان پٺاڻي صحافين اڳيان دانھيو ته منھنجي پٽ کي حق ۽ سچ لکڻ تي شهيد ڪيو ويو، قتل ۾ پ پ جي ايم پي اي خالد خان لنڊ، سندس پٽن شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ ملوث آھن، پوليس صرف ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري اسان کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، جڏھن ته قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار خالد لنڊ جي بنگلي تي پناھ وٺي ويٺل آھن، ايس ايس پي گھوٽڪي سمير نور چنا پ پ اڳواڻ خالڊ لنڊ ۽ پ پ قيادت جي ونگار وھي رھي آھي جڏھن ته مان شھيد پٽ جي قتل جي دانھن کڻي ڳڙھي خدا بخش پهتي آهيان، شھيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي شھيدن کي دانهن ڏيڻ آئي آھيان پر خبر ناهي ڇو اسان جي پر امن احتجاج کان حڪومت ڊنل آھي، ڪراچي ۾ وڏي وزير پاران موڪليل صوبائي وزير سعيد غني خاطري ڪرائي هئي ته جوابدار گرفتار ڪنداسين پر وڏي وزير انصاف نه ڪيو، اسان ھتان نه وينداسين جيسيتائين قاتل گرفتار نه ٿيندا، جنهن بعد امان پٺاڻي پنھنجي ھٿن ۾ احتجاج طور زنجير ٻڌي وھي رھي، شھيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي، نعمت کهڙو،  اسد پتافي،  عبدالغفار گڏاڻي سميت سون جي تعداد ۾ مرد، عورتون ۽  ٻارڙا ڌرڻو ھڻي وھي رھيا، بک اڃ تي احتجاج ڪندڙن رات تائين شھيدن جي مزار اڳيان ڌرڻو جاري رکيو، مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪندا رھيا ته ھن محرم الحرام جي مھيني ۾ ھن دور جي حڪمرانن اسان کي پاڻي کان بغير بکن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي، معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اسان کي پ پ قيادت ۽ انھي چونڊيل نمائندن مان انصاف جي اميد نظر نٿي اچي. ھوڏانھن ايس ايس پي لاڙڪاڻو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ھي شهيدن جي جاءِ سرڪاري ناھي، پرائيوٽ آھي، جتي مالڪن جي مرضي کانسواءِ اوھان اندر داخل نه ٿا ٿي سگهو، اسين انھن جي حڪم اڳيان مجبور آھيون. امڙ پٺاڻي ڌرڻي جي اعلان کانپوءِ لاڙڪاڻو پوليس مزار طرف ايندڙ ويندڙ رستن بهمڻ پلاٽ، پنجوديرو، رتوديرو باءِپاس، چوهڙ پور، بنگلديرو، سميت ڪيترن ئي رستن تي ڪنٽينر، ٽرڪون، پوليس موبائيلون ۽ ٻيون رڪاوٽون رکي وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شهيدن جي مزار عام ماڻهن جي اچ وڃ کان مڪمل طور تي خالي ڪرائي، سون جي تعداد ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪري سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. قافلي ۾ ايندڙ ماڻهن سان پوليس جو ڪيترن کي هنڌن تي جهڙپون پڻ ٿيون، جهڙپن دوران شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي کي پوليس اهلڪارن لٺيون پڻ هنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.