ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ مستونگ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا کان گوادر ويندڙ قافلن کي روڪڻ لاءِ طاقت جو استعمال غير جمهوري ۽ انساني حقن جي ڀڃڙي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج ۾ رنڊڪون وجهڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته مستونگ، قلات، خضدار، آواران، لسٻيلا ۽ حيب سميت ٻين علائقن ۾ بند ڪيل رستا کوليا وڃن، پرامن مظاهرين تي فائرنگ ڪندڙ ايف سي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، زخمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.
-
طاقت سان بلوچستان جو سياسي مسئلو دٻائي نٿو سگهجي: رئوف مينگل
ڪوئيٽا(بيورو رپورٽ) بي اين پي اڳواڻ رئوف مينگل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گوادر جلسي کان روڪڻ ،گرفتارين، مستونگ ۾ عورتن تي فائرنگ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فائرنگ بلوچ قومي روايتن ۽ سياسي جمهوري عمل جي خلاف آهي، مستونگ ۾ ماڻهو شهيد ۽ زخمي ڪرڻ تي پ پ جي مشڪوڪ ڪردار هڪ ڀيرو پنهنجي ڪاري تاريخ کي ورجايو آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ هميشه آمراڻي سوچ تحت طاقت جو استعمال ڪيو ويندو آهي،هن چيو ته فارم 47 واري حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي، ڪوئيٽا ۾ بي اين پي اڳواڻ حاجي عبدالرئوف قمبراڻي جي گهر تي ڇاپو هڻي هن جي ڀاءُ سميت ٻه سئو ماڻهن کي حبس بي جا ۾ رکڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، هن چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت ختم ڪري بلوچستان ۾ عوامي ۽ سياسي مسئلن کي سياسي ۽ جمهوري انداز ۾ حل ڪيو وڃي، طاقت سان بلوچستان جو سياسي مسئلو دٻائي نٿو سگهجي.
-
آءِ پي پيز معاهدا ڪندڙ ۽ ٻيهر ٺيڪا ڏياريندڙن جو آڊٽ ڪيو: بئرسٽر سيف
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف چيو آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي پاران متعارف ڪرايل آءِ پي پي ملڪ کي اڏوهي وانگر چاڙهي رهي آهي. اهڙو اظهار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو . هن چيو ته پرائيويٽ پاور هائوسز (IPPs) اشرافيه جو غضب ڪرپشن جو ٻيو نالو آهي. 90ع واري ڏهاڪي ۾ سياسي اشرافيا آءِ پي پيز سان معاهدا ڪيا ۽ انهن کي عوام تي مسلط ڪيو. هن چيو ته 1994، 2002 ۽ 2015 ۾ آءِ پي پيز کي ڪير آندو ۽ معاهدن جي تجديد ڪنهن ڪئي؟ جن سياستدانن ۽ اهم شخصيتن حڪومت ۽ آءِ پي پيز سان معاهدا ڪري پئسا ڪمايا. بااثر خاندانن ۽ شخصيتن جي ڪري 30 سالن ۾ هڪ ڀيرو به آءِ پي پيز جو آڊٽ نه ٿيو آهي، ان حوالي سان آڊٽ ٿيڻ گهرجي ته جن آءِ پي پيز جا معاهدا ختم ٿي ويا انهن کي ٻيهر ٺيڪا ڪنهن جي چوڻ تي ڏنا ويا.
-
احسن اقبال ڌرڻن کي سي پيڪ خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو
نور ڪوٽ (م ڊ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۽ ڌرڻن تي چيو آهي ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو آهي ته ڪجهه ڪردار چيني سيڙپڪارن کي ڀڄائڻ لاءِ سرگرم آهن. نورڪوٽ ۾ وڻڪاري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اپيل ڪئي ته ملڪي چئلينجز هڪ پارٽي جا ناهن، سياسي پارٽيون، سياست ۽ لانگ مارچ بدران گڏجي مسئلن جو حل ڪڍن. هن چيو ته 2013 کانپوءِ به هنن ئي ڪردارن تشدد ۽ بدامني پکيڙي هئي، اڄ به سيڙپڪارن کي ڀڄائڻ لاءِ سرگرم آهن. سازش تحت گوادر ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن، مظاهرن جو مقصد سي پيڪ فيز ٽو کي روڪڻ آهي. حڪومت نٿي چاهي ته مهانگائي ۽ ٽيڪسن جو بار عوام تي پوي.
-
آءِ پي پيز معاهدا ڪينسر، ٽوڙڻ سان وڏو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو: ماهر
اسلام آباد(م ڊ) آءِ پي پيز معاهدن تي ماهرن حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته معاهدا ٽوڙڻ تي حڪومت کي وڏو ڏنڊ لڳي سگهي ٿو. ڪمپنيون معاهدا ٽوڙڻ تي ريڪوڊڪ جيان عالمي عدالت وڃي سگهن ٿيون، جنهن سان حڪومت تي عالمي ٽياڪڙي عدالت طرفان وڏو ڏنڊ لڳي سگهي ٿو. پاور ڊويزن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت هڪ طرفي طور تي آءِ پي پيز سان خودمختار گارنٽي جي بنياد تي ٿيل معاهدن کان پاسو نٿي ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته اهو حڪومت کي ثالثي ٽربيونلز ۾ سخت ڏنڊن تائين پهچائي سگهي ٿو، جيئن ريڪوڊڪ ڪيس ۾ ٿيو هو. هڪ مقامي انگريزي روزاني پاور ڊويزن جي هڪ آفيسر جھي حوالي سان لکيو ته ته اڳوڻي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي اڳواڻي ۾ ممتاز برآمد ڪندڙن جي ڪيپيسٽي پئمينٽ تي وڌندڙ تنقيد کي نظر ۾ رکندي، حڪومت صرف ان وقت معاهدن تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته آءِ پي پيز رضاڪارانه طور ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿين. اهڙي صورتحال ۾ بجلي جي استعمال ڪندڙن کي ٿورو رليف ملي سگهي ٿو.