مولانا هدايت پاران اپوزيشن بئنچن تي ويهڻ جو اعلان

ڪوئيٽا( م ڊ) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مولانا هدايت الرحمان گوادر ۾ ماهر رنگ ۽ ٻين کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي بلوچستان  اسيمبلي ۾ مخالف ڌر بئنچن تي ويهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا هدايت الرحمان چيو ته گوادر سميت بلوچستان جي صورتحال جو ذميوار ڪير؟  گوادر ۾ اڄ به فائرنگ جا اطلاع آهن، ڪجهه ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، نيٽ ورڪ بند ٿيڻ سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.  پرامن ۽ بيگناهه ماڻهن کي روڪڻ جي مذمت ڪريون ٿا، حڪومتي رويي خلاف حڪومتي سيٽن تي نه ويهندس. مخالف سيٽن تي ويهندس ۽ جدوجهد ڪندس. هن چيو ته ڪنهن کي به سياسي جلسو جي اجازت ڏيو. ڊاڪٽر مهر رنگ بلوچ جي  بلوچ راڄ مچي جلسي جي ميزباني ڪرڻ چاهيون ٿا ڇو ته اها سياسي سرگرمي هئي، پر حڪومت پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ، سوشل ميڊيا، انٽرنيٽ سروس، موبائل نيٽ ورڪ بند ڪرڻ ڪٿي جو انصاف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.