بلوچستان ۾ حڪومت جا اختيار ڪيل غيرجمھوري طريقا ۽ تڪليف ۾ آيل عوام

جمھوري حڪومت ۾ ڪنھن بھ مسئلي تي احتجاج ڪرڻ، جلسو ڪرڻ يا سياسي گڏجاڻي ڪرڻ جو حق ھر ڪنھن کي ملڻ گھرجي، اھا ڪھڙي جمھوريت آھي، جنھن ۾ ماڻھن کي پنھنجي ڏکن ڏاکڙن بيان ڪرڻ جي بھ اجازت نھ آھي.

گوادر ۾ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي جلسي کي روڪڻ جي لاءِ انتظاميھ نھ رڳو جمھوريت پر انساني حقن جي لتاڙ ڪندي، عوام خلاف ڪارروائي ڪري اھو ثابت ڪيو آھي تھ اھي عوام کي ناانصافين خلاف آواز بلند ڪرڻ نھ ڏيندا، جنھن جا وري ان کان بھ وڌيڪ خراب نتيجا نڪري سگھن ٿا. ھڪ عرصي کان بلوچستان جي عوام جي شڪايت آھي تھ انھن کي نھ رڳو پنھنجا گھربل حق نٿا ملن پر ڳچ عرصي کان ملڪ جي وڏي آباديءَ ۽ معدنيات جي وڏي خزاني رکندڙ صوبي جي ماڻھن کي مڪمل نظرانداز ڪرڻ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آھي. ڪنھن بھ حڪومت انھن جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ طرف ڌيان نھ ڏنو آھي. لڳ ڀڳ ٻن ڏھاڪن کان اتي جاري جدوجھد ۽ مزاحمت کي منھن ڏيڻ جي لاءِ رياست رڳو ھڪ ئي طريقو اختيار ڪيو آھي تھ انھن جي سياسي، سماجي حقن کي ڪئين ختم ڪيو وڃي، اھڙي رياست پلان جي ڪري اتي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين خلاف جڏھن اتي جوعوام احتجاج  جو حق استعمال ڪري ٿو تھ انھن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو.

ھڪ طرف رياست جو اھو چوڻ آھي تھ بلوچستان جا سردار ۽ اتي جو عوام خود ترقي جي خلاف آھي، ٻئي پاسي ھر دور جي حڪومت ۽ رياست پنھنجي حامي سردارن کي اڳيان ڪري عوام جي جدوجھد کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي. ڪجهھ وقت کان بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي بھادر نياڻين جي اڳواڻي ۾ بلوچستان جو ماڻھو جڏھن کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بابت آواز اٿاري ٿو تھ انھن سان ڪنھن دشمن جھڙو ورتاءُ ڪري بلوچن جا ڏک ڏھوڻا ڪيا وڃن ٿا.

گوادر ۾ بلوچ قومي اجتماع جي نالي سان بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ شرڪت لاءِ بلوچستان جي صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا کان گوادر ڏانهن ويندڙ قافلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ڪوئيٽا جي حدن ۾ ڪجهه  رستن تي ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو، پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي، قلات ۽ مڪران ڊويزن خاص ڪري گوادر ۽ ڪراچي جي وچ ۾ ڪوسٽل هاءِ وي  تي رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون. جلسي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ قافلي مستونگ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. 6 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو. جنھن جي ردعمل ۾ ماڻھن احتجاج طور سرياب روڊ بند ڪري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ماڻهن کي جلسي ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ سڄي بلوچستان ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون آهن.جڏهن ته حڪومتي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۽ گوادر وچ ۾ سيڪيورٽي برقرار رکڻ لاءِ مختلف ضلعن ۾ رڪاوٽون لڳايون ويون آهن.بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سوال اٿاريو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ان جلسي لاءِ گوادر جي چونڊ ڇو ڪئي آهي؟

بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته گوادر ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ سبب بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي قافلن کي گوادر وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.ڪوئيٽا جي ڊپٽي ڪمشنر سعد بن اسد جو چوڻ آهي ته قلم 144 لاڳو ھئڻ ۽ ريڊ زون ۾ احتجاج  جي اجازت نھ ھئڻ ڪري رستا بند ڪيا ويا ھئا ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 140 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

حڪومت جي اھڙي عمل جي بلوچستان جي سياسي اڳواڻن مذمت ڪئي آھي.ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ الزام هنيو ته بلوچن جي نسل ڪشي جاري آھي ۽ هزارين ماڻهن کي گم ڪيو ويو آهي.بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ قافلن کي روڪڻ لاءِ طاقت جي استعمال کي غير جمهوري ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي  چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ۽ کين ھراسان ڪرڻ  مذمت جوڳو عمل آهي.هن چيو ته گوادر ڏانهن ويندڙ قافلن کي روڪڻ جا سنگين نتيجا نڪري رهيا آهن، جنهن جي ذميوار بلوچستان ۽ وفاقي حڪومت آھي.ڊاڪٽر مالڪ بلوچ مطالبو ڪيو تھ واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.

بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر ثناءُ بلوچ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾چيو آهي ته بلوچستان جي فورسز پاران بلوچن کي روڪڻ مذمت جوڳو عمل آھي.عوام کي گڏ ٿيڻ ۽ جلوس ڪڍڻ کان روڪڻ جو ڪٺ پتلي صوبائي حڪومت کي ڪو اختيار ناهي.

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه صوبائي اسيمبلي ميمبر مير اسد الله بلوچ چيو آهي ته حڪومت کي حالتن ۽ واقعن کي ڏسندي طاقت جي استعمال بدران سنجيدگي ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

ھن جو چوڻ ھو تھ جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت آهي ته جمهوريت جي اصولن، آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ  گهرجي. ھن سوال ڪيو تھ حڪومت احتجاج کان ڊنل ڇو آهي ؟ ھن چيو تھ اھڙي غير سنجيدگي ۽ طاقت جي بيجا استعمال سان حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون.

بلوچستان بار ڪائونسل پڻ ھڪ بيان ۾بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي گوادر ۾ پرامن سياسي احتجاج کي روڪڻ لاءِ رنڊڪون وجهڻ جي  مذمت ڪئي آهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فورسز جي فائرنگ جا افواهه اڻ تصديق ٿيل آهن، امن ۾ خلل وجهندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، امن امان جي صورتحال کي هٿ وٺي خراب ڪيو پيو وڃي.

اسان سمجھون ٿا تھ ھڪ جمھوري حڪومت ۾ عوام کي سياسي جلسن جلوسن جي اجازت ھئڻ گھرجي. جيڪڏھن ماڻھن کي ڪنھن سياسي سرگرمي جي اجازت کان روڪيو ويو تھ اھو غلط ھوندو.

ملڪ جي عمومي سياسي، معاشي ۽ آئيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي بلوچستان حڪومت ۽ رياست کي تحمل جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي، ڪنھن بھ اٻھرائي سان ان جا خراب نتيجا نڪري سگھن ٿا.صوبي جي سمورين اختيارين کي جوش بدران ھوش کان ڪم وٺڻ گھرجي، غيرسنجيدگيءَ واري رويي سان ماحول وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿو.جيڪو ھن وقت ڪنھن جي بھ حق ۾ نھ آھي.

ھاڻي اھو تھ ثابت ٿي ويو آھي تھ بلوچستان ۾ عرصي کان انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آھن.جنھن ڪري ماڻھن جي ڪاوڙ کي سمجھڻ ۽ انھن سان ٿڌائپ سان پيش اچڻ جي گھرج آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.