مون ڪافي سال اڳ پنهجي هڪ دوست کان ٻڌو هيو ته آمريڪا جو هڪ ادارو اهڙو آهي جنهن ۾ سڀئي عورتون ڪم ٿيون ڪن ڪو مرد ناهي انهن سان گڏ مونکي اها ڳالهھ ٻڌي ڪجهه لحمن لاءِ حيراني ٿي هئي ائين سوچيم ته ڇا اهو ممڪن آهي جو پورو آفيس جو نظام رڳو عورتون هلائينديون ھجن پر وقت گذرڻ سان ان ڳالهه جي به پڪ ٿي وئي
وري دل ۾ خيال اڀريو ته ڇا اسان جي پنهجي ڌرتي جون عورتون ايتريون باشعور پڙهيل ڳڙهيل آهن ڇا اهي اهو ڪم نٿيون ڪري سگهن نظر ڊوڙائي ڏٺوم ته هر پاسي عورت ھر شعبي م پنهجو مٽ پاڻ لڳي پئي آهي ڪجهه عورتون ننڍڙن ٻارن جي هوندي به ڏکائي سکائي ۾ پنهنجي روزگار کي لڳيون پيون آهن پر ان هوندي هڪ ڳالهه جي ڪمي اها محسوس ٿي ته هتي ببي ڊي ڪيئر صرف پوش علائقي م آهن ائين آهي صرف وڏين آفيسرن جي زالن جا ٻار يا وري انهن جا نوڪر انهن جا ٻار پاليندا آهن آئون هڪ ماسترياڻي جي ڳالهھ ڪندس جنهن جي ويجهو ڪو مٽ مائٽ نه آهي نه ئي هو ڪنهن پوش علائقي ۾ رهي ٿي ان کي ڪيڏيون نه مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ڇا ا هو اسان جي رياست يا سرڪار جو ذمو ناهي ته سرڪار انهن کي نوڪري ڏئي احسان ڪري ٿي پر پنهجي علائقي کان پري انهن جي پوسٽنگ ڪري خوار خراب ڪرڻ کين ڪا سهولت نه ڏيڻ جي ڪري آفيسن جا ڌڪا ٿاٻا کائن ٿيون، سرڪار طرفان ڪا سهولت نه ٿي ملي ويچاريون ان ڪوشش ۾ لڳيون پيون آهن ته ڪٿان اسان کي گهر جي ويجهي اسڪول ۾ پوسٽنگ ملي ته گهر ٻار ائين نوڪري کي سٺي نموني وقت ڏئي سگهون پر افسوس انهن جو ڪجهه به نٿو ٿئي
ساڳي ريت هڪ ٻئي تمام اهم ڳالهھ جيڪا اها آهي ته اسان جي ٻهراڙين جي ڇوڪرين ۾ جيڪا سجاڳي پيدا ٿي آهي ائين شعور جاڳيو آهي ته هو ڳوٺن مان اچي پنهنجو روزگار ڪن پنهجي هٿ جو پورهيو هتي شهر ۾ بهترين قميت تي وڪڻي پنهجو پيٽ گذر ڪن پر هتي انهن. ماڻهن لاءِ هاسٽلون ٺاهيل آهن جن کي اڳواٽ ئي گهر فليٽ سڀ مليل آهن. پر غريب نيائين لاءِ ڪا به سرڪاري هاسٽل نه آهي جتي هو رهي ڪري شهر ۾ پنهجي لاءِ روزگار حاصل ڪن سرڪار کان مطالبو ٿي ڪيان ته هنن معاملي تي به ٿورو غور ويچار ڪن.
پنهجي علائقي کان پري انهن جي پوسٽنگ ڪري خوار خراب ڪرڻ کين ڪا سهولت نه ڏيڻ جي ڪري آفيسن جا ڌڪا ٿاٻا کائن ٿيون، سرڪار طرفان ڪا سهولت نه ٿي ملي ويچاريون ان ڪوشش ۾ لڳيون پيون آهن ته ڪٿان اسان کي گهر جي ويجهي اسڪول ۾ پوسٽنگ ملي ته گهر ٻار ائين نوڪري کي سٺي نموني وقت ڏئي سگهون پر افسوس انهن جو ڪجهه به نٿو ٿئي