پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو مسلسل پنجين ڏينهن به جاري آهي، چڪرين دوران هنيئر تائين 30 ڄڻا مارجي چڪا آهن.
پوليس موجب، ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جيهڙو ٿيو جنهن کانپوءِ مختلف علائقن ۾ چڪريون شروع ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب، چڪرين ۾ هنيئر تائين 30 ڄڻا مارجي چڪا آهن جڏهن ته سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارا چنار ۽ صده شهر تي به ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا ويا آهن جڏهن ته متاثر علائقن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري موجود آهي.
ايم اين اي انجينيئر حميد حسين جو چوڻ آهي ته قبيلائي تڪرار سبب اسپتال ۽ مارڪيٽ ۾ دوائون ختم ٿي ويون آهن، ايم پي اي علي بادي عرفاني مطالبو ڪيو ته حڪومت علائقي ۾ ترت فائربندي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي امن بحال ڪرائي.
You might also like