گهوٽڪي ( ويب ڊيسڪ ) گهوٽڪي ويجهو آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ درجن کان وڌيڪ ڌاڙيلن جي ٽولي آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ۾ حفاظتي بند تي قائم ٿيل پوليس پڪٽ 47 تي حملو ڪري ڏنو، ڏوهارين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ قادر بخش مهر ۽ ظهير ٿهيم شامل آهن.
شهيد اهلڪارن جا لاش تعلقي اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا…….
You might also like