ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻار سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، اورنگي ٽائون 10 نمبر غوثيه چوڪ ويجهو گهر اندر زوردار سلينڊر ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾گهر جي ڀت ڪِري پئي، واقعي ۾ زخمين جو انگ 11 ٿي ويو آهي، 4 عورتون، 3 مرد ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ چار ڄڻا ڀت ڪرڻ سبب ۽ ست ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.
گهر اندر زوردار سلينڊر ڌماڪي بعد وڏي انگ ۾ شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمون پڻ پهچي ويون، جن زخمين کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، زخمين کي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.