آءِ پي پيز جي معاهدي ۾ شهباز شريف جو وڏو هٿ آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز تي صحيحون ڪرڻ ۾ شهباز شريف جو وڏو هٿ آهي ۽ هاڻي سندس پنهنجي هڪ آئي پي پيز آهي، پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪجهه ماڻهو عوام، پارٽي ۽ فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيا آهن، هن چيو ته حڪومت حافظ نعيم جي ڳالهه ٻڌي ته وڏو عالمي اسڪينڊل بڻجي ويندو ۽ ملڪ ڊفالٽ ڪري ويندو،  جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڪامياب ٿي ويو آهي،  هن چيو ته پارٽي ۾  اسد قيصر ۽ محمود اچڪزئي جهڙن سنيئر  اڳون کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، هن چيو ته آءِ پي پيز جي معاهدي ۾ شهباز شريف جو وڏو هٿ آهي ۽ هاڻي سندس هڪ آءِ پي پي پنهنجي به نڪتي  آهي، هن 63 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم پاڻ ورتي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي انهن ماڻهن کان پاڻ کي پري رکڻو آهي جيڪي عوام، پارٽي ۽ فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.