اسلام آباد(فخر دراني)پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان 7 ارب قرض پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ وارو آهي، ان ۾ حڪومت آڏو سخت شرط رکيا ويا آهن،آءِ ايم ايف پاران رکيل ٻه شرط ته پاڪستان کي هر صورت ۾ پورا ڪرڻا پوندا،پهريون شرط اهو آهي ته پاڪستان جيڪڏهن چين کان قرض وٺندو ته ان جي آءِ ايم ايف کان منظوري به وٺندو ٻيو ته سي پيڪ جي حوالي سان جيڪي به رٿائون شروع ٿينديون انهن جي مقامي طور سيڙپڪاري ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري، فزيبلٽي رپورٽن ۽ معاهدن سميت انهن جي منظوري وٺڻي پوندي،پاڪستان انهن شرطن تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.