ڪوئيٽا(رپورٽ: يار محمد بروهي) گوادر ۾ بلوچ قومي اجتماع جي نالي سان بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ شرڪت لاءِ بلوچستان جي صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا کان گوادر ڏانهن ويندڙ قافلي کي روڪيو ويو، جڏهن ته ڪوئيٽا جي ريڊ زون کي به سيل ڪيو ويو آهي.ڪوئيٽا جي حدن ۾ ڪجهه شاهراهن کي نه رڳو ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو پر پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي آهي. قلات ڊويزن کان سواءِ مڪران ڊويزن خاص ڪري گوادر ۽ ڪراچي جي وچ ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي به رڪاوٽون وڌيون ويون آهن.مستونگ ۾بلوچن جي اجتماع ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ قافلي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي شهيد واب غوث بخش اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين مان 6 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي فوري طور تي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو.قافلن تي فائرنگ خلاف سرياب ۾ احتجاج ڪندڙن سرياب روڊ بند ڪري ڇڏيو، مظاهرين انتظاميا خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي.بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ماڻهن کي جلسي ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ سڄي بلوچستان ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون آهن.جڏهن ته حڪومتي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۽ گوادر وچ ۾ سيڪيورٽي برقرار رکڻ لاءِ مختلف ضلعن ۾ رڪاوٽون لڳايون ويون آهن.بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سوال اٿاريو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ان جلسي لاءِ گوادر جي چونڊ ڇو ڪئي آهي؟بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته گوادر ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ سبب بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي قافلن کي گوادر وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.ڪوئيٽا جي ڊپٽي ڪمشنر سعد بن اسد جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ريڊ زون ۾ ڪنهن کي به احتجاج ۽ ريلي ڪرڻ جي اجازت ناهي.سندس چوڻ آهي ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪيترائي هنڌ بند آهن ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي هن وقت تائين 140 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ الزام هنيو ته بلوچن جي نسل ڪشي کان سواءِ هزارين ماڻهن کي جبري گم ڪيو ويو آهي.هوڏانهن بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ڪوئيٽا کان گوادر ويندڙ قافلن کي روڪڻ لاءِ طاقت جي استعمال کي غير ضروري، غير جمهوري ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ۽ حراسان ڪرڻ جو عمل انتهائي قابل مذمت ۽ نفرت انگيز عمل آهي، گاڏين ۾ زوري ويهارڻ، بنا جواز ماڻهن تي گوليون هلائڻ، نوجوانن کي مارڻ ۽ سندن گهر تباهه ڪرڻ انتهائي غير انساني عمل آهي. هن چيو ته گوادر ڏانهن ويندڙ قافلن کي روڪڻ جا سنگين نتيجا نڪري رهيا آهن، جنهن جي سموري ذميواري بلوچستان حڪومت ۽ وفاقي حڪومت تي عائد ٿئي ٿي.. ڊاڪٽر مالڪ بلوچ مطالبو ڪيو آهي ته مستونگ واقعي جي زخمين کي بهتر علاج فراهم ڪيو وڃي ۽ عدالتي ڪميشن جوڙي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.ٻي پاسي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر ثناءُ بلوچ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي فورسز پاران بلوچن کي روڪڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، گوادر کان ڊيرا بگٽي تائين ڪنهن به هنڌ تي عوام کي گڏ ٿيڻ ۽ جلوس ڪڍڻ کان روڪڻ جو موجوده ڪٺ پتلي صوبائي حڪومت کي ڪو به اختيار ناهي. هن چيو ته مان بي اين پي، متحده قومي موومينٽ، نواب ثناءُ الله زهري سميت هر بلوچ گروپ، پارٽي ۽ شخصيت کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ننڍا ننڍا اختلاف وساري قومي ايجنڊا کڻي اچن ته جيئن ان قومي تذليل کي روڪي سگهجي.جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گوادر، سي پيڪ ۽ بلوچستان صوبي ۾ انٽرنيشنل هاءِ ويز تي روڊن تي کڏا کوٽڻ جون خبرون جنگ ۾ خندق کوٽڻ وانگر آهن. ملڪ جي اندروني ۽ بيروني خدشن ۽ مصلحتن جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ رياست کي ڪمزور، ڪمزور ۽ خطري جي ماءُ واري حالت ۾ رکڻ بجاءِ ان کي عوامي امن جي نالي تي عوام جي مفاد جي نالي تي ڊاهڻ جو ڊگھو ڪاروبار آهي، جيڪو حڪومتي خرچ تي جاري آهي.
-
سنڌ پوليس به بلوچ قافلن کي ڪراچي ۾ روڪي ڇڏيو، ڌرڻو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس بلوچ قومي اجتماع ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ڪارڪنن کي ڪراچي ۾ روڪي ڇڏيو، جن احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو، پوليس جي اهڙي رويي خلاف شهرين شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، هنن چيو ته هو پرامن آهي، بلوچ جو قومي سڏ ٿيو آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ هو وڃي رهيا آهن پر پوليس بنا سبب کين روڪي ڇڏيو آهي.
-
گوادر ۾ پرامن احتجاج کان حڪومت ڊنل ڇو آهي؟ اسد الله بلوچ
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه صوبائي اسيمبلي ميمبر مير اسد الله بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت کي حالتن ۽ واقعن کي ڏسندي طاقت جي استعمال بدران سنجيدگي ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.، جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت آهي ته جمهوري گهرجن تي عمل ڪري آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. حڪومت احتجاج مان ڊنل ڇو آهي، غير سنجيدگي ۽ طاقت جي استعمال سان حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون آهن.
-
ڪٺ پتلي حڪومت کي ڪو اختيار ناهي ته جلسي جلوس کي روڪي: ثنا بلوچ
ڪوئيٽا (م ڊ) اڳوڻي بلوچستان اسيمبلي ميمبر ثنا بلوچ چيو آهي ته بلوچستان جي مائرن، ڀينرن جي فورسز هٿان روڊن تي شهادت، زخمي ٿيڻ، تذليل، لٺبازي ۽ گوادر جلسي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي مذمت ڪريون ٿا. ڪٺ پتلي حڪومت کي اهو اختيار ناهي ته هو عوام کي ڪنهن به هنڌ جلسا يا جلوس ڪرڻ کان روڪي. هن اپيل ڪئي ته بي اي پي، اين پي، يڪجهتي ڪاميٽي، نواب ثناءُالله زهري سميت هر بلوچ گروهه، جامعت ۽ شخصيت کي اپيل ڪريان ٿي ته معمولي اختلافن کي وساري تذليل روڪڻ لاءِ متحد ٿين.
-
گوادر ۾ پرامن جلسو بنا ڪنهن پابندي جي منعقد ڪرڻ ڏنو وڃي:اسلم رئيساڻي
ڪوئيٽا (م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ميمبر ۽ اڳوڻي وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گوادر ۾ پرامن بلوچ قومي اجتماع بنا ڪنهن پابندي جي منعقد ڪرڻ ڏنو وڃي، حڪومت کي بلوچ قوم جي سياسي ۽ ثقافتي تشخص جي پرامن اجتماع ۽ اظهار جي اجازت ڏيڻ لاءِ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
-
بي واءِ سي جي احتجاج ۾ رنڊڪون وجهڻ بند ڪيون وڃن: بلوچستان بار
ڪوئيٽا (بيورو+م ڊ) بلوچستان بار ڪائونسل بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي گوادر ۾ پرامن سياسي احتجاج کي روڪڻ لاءِ رنڊڪون وجهڻ جي مذمت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جلسا جلوس ڪرڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي ۽ پرامن احتجاج آئين ۽ قانون جو احترام ڪندي ان ۾ رنڊڪون وجهڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. گهر ڪئي وئي ته حڪومت فوري طور رنڊڪون وجهڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري بدران پرامن احتجاج جو حق ڏئي.
-
فائرنگ جا افواهه آهن، بدامني پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: بلوچستان حڪومت
ڪوئيٽا (بيورو) بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته فورسز جي فائرنگ جا افواهه اڻ تصديق ٿيل آهن، امن ۾ خلل وجهندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، امن امان جي صورتحال کي هٿ وٺي خراب ڪيو پيو وڃي. ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي. هن چيو ته گوادر ۾ مظاهري جا مقصد واضح آهن، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر بي واءِ سي هنڌ چونڊڻ جو انتظاميا جو حق مڃي. هڪ ڀيرو ٻيهر بي واءِ سي کي ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا.