اسلام آباد(حماد حسن+فخر دراني)حڪومت مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت ترين تنقيد ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 30 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي،گذريل ڏينهن ۾ نوازشريف جي صدارت ۾ نٿياگلي مري ۾ ٿيندڙ مسلم ليگ ن جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته سپريم ڪورٽ کي هاڻي پارليامينٽ جي فورم تان جواب ڏنا ويندا،پارليامينٽ جي فورم تي جيڪي به تقريرون ٿينديون آهن ان تي سپريم ڪورٽ ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري سگهي نه ئي توهين عدالت لڳائي سگهي ٿي،اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن واري فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ان کي غيرآئيني قرار ڏنو ويندو ۽ چيو ويندو ته ان فيصلي تي ڪنهن به صورت ۾ عمل نٿو ٿي سگهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 28 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو