عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي خاتون ۽ شهيد جي ڀاءُ گهوٽڪي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بيحد افسوس ۽ صدمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت گهري پر اڃان تائين پنهنجو واعدو پورو ناهي ڪيو.
شهيد جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻه جوابدار اڃان گرفتار ناهن ٿيا، ٻيو ته ڪيس جي جاچ ۾ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿيڻ مان واضح آهي ته پوليس اصل جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿي.هن چيو ته قتل ڪيس ۾ روايتي طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي وڏي وزير هڪ شهيد صحافي جي امڙ سان ان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جيڪو واعدو ڪيو آهي، سو کين ڪيترن ئي حوالن سان هر لحاظ کان پاڙڻ گهرجي.هڪ ته سيد مراد علي شاهه پاڻ ذميوار شخص آهي ۽ هڪ تمام اعليٰ عهدي تي برجمان آهي. هُو وڏو وزير آهي ۽ هڪ وڏي وزير هڪ بزرگ ۽ مظلوم عورت سان واعدو ڪيو آهي. هونئن به اهو حڪومت جو فرض آهي ته اها ڪنهن به قتل ڪيس ۾ جوابدار کي ان جي انجام تي رسائي،قانون آئين ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪري.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، امان پٺاڻي سان شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري کي يقيني بڻائن جوواعدو تڏهن ڪيو هو جڏهن هن ڪراچي ۾ پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌي عوام سان گڏ ڌرڻو ڏنو هو جنهن کي ختم ڪرائڻ مائي پٺاڻي سان وڏي وزير واعدو ڪيو هو ته اسان کي مهلت ڏيو ته ٽن ڏينهن اندر قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو پر اهو واعدو واعدي تائين رهجي ويو. هاڻي مائي پٺاڻي جو چوڻ آهي ته هُوءَ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي درگاهه وٽ احتجاج ڪندي.
شهيد جي امڙ ته ظاهر آهي پنهنجي پٽ جو انصاف چاهيندي ۽ هن پنهنجي زندگي هاڻي ان مقصد لاءِ منسوب ڪري ڇڏي آهي. هُوءَ هاڻي هر حيلو وسيلو هلائيندي، اسان جو سوال حڪومت کان آهي ته آخر اها قانون ۽ انصاف کي سئو سيڪڙو لاڳو ڪرڻ ۾ ڇو لاچار آهي. آخر قاتلن، ڏوهاري، دهشت گرد ايڏو مضبوط ڇو آهي ۽ وڏ وزارت جي منصب تي ويٺل ايڏا اهم علمدار پوءِ زبان مان اهڙي ڳالهه ئي ڇو ٿا ڪڍن جنهن کي پورو نه ڪري سگهن.اسان کي تڏهن ئي خوشي ۽ اطمينان ٿيو هو ته وڏي وزير قاتلن جي گرفتاري جي امان پٺاڻي کي پڪ ڏني آهي. اسان کي ته هاڻي به اميد آهي ته سنڌ جي وڏ وزارت جي مسند تي ويٺل هڪ ذميوار شخص واعدو ڪيو آهي اهو ذاتي طور ڪنهن فرد جو به نه پر سنڌ جي عوام جي نمائندي جو واعدو آهي سو ضرور پورو ڪندو ۽ خاص ڪري هن هڪ بزرگ ۽ مقتول نوجوان جي امڙ سان ڪيو آهي سو ضرور پورو ڪندو.
جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير پٺاڻي خاتون سان اهڙو واعدو ڀلي نه به ڪري ها تڏهن به سنڌ جي وڏي وزير طور سندس اولين فرض ته هو عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري.شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي جنهن ۾ قاتل نامزد ٿيل آهن هاڻي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ اهو حڪومت جو ڪم آهي ته اها ايف آءِ آر جون قانوني گهرجون پوريون ڪري. سنڌ ۾ لاقانونيت عام آهي ۽ ان لاقانونيت جي ذميوار مائي پٺاڻي ناهي پر حڪومت آهي. اهو ڪم مائي پٺاڻي جو ناهي جو اها قاتلن جي گرفتاري لاءِ هر هر حڪومت کي احتجاج ڪري ڌرڻو ڏئي ياد ڪرائيندي رهي ته ايف آءِ آر جون قانوني گهرجون پوريون ڪريو. هڪ صحافي کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ته اهو پوليس جو ڪم آهي ته اها چوويهه ڪلاڪن اندر قاتلن کي گرفتار ڪري.
پر هتي هر مسئلي لاءِ عوام کي ٻاهر روڊن تي نڪرڻو پوي ٿو، احتجاج ۽ مظاهرا ڪرڻا ڪرڻا پون ٿا، ڌرڻا ڏنا وڃن ته اسان جا مسئلا حل ڪريو. جيڪڏهن اهو ڪم عوام کي ڪرڻو آهي، مائي پٺاڻي کي ڪرڻو آهي ته پوءِ هي وزير، هيءَ کاتا، هي ٿاڻا ۽ عدالتون ڇو آهن؟ سنڌ جي امن امان جي صورتحال جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ ان جا ادارا آهن پر پوءِ به اسان وڏي وزير کي ياد ڏيارينداسين ته هڪ بزرگ عورت سان ڪيل واعدي کي پاڙيو. اهو ڪم ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته پ پ حڪومت جي حوالي سان هميشه ذوالفقار علي ڀٽو جو مثال ويندو آهي ته اهو انفرادي طور يا اجتماعي طور جيڪو به واعدو ڪندو هو سو پورو ڪري ڏيکاريندو هو. وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن رستي ۾ به ڪنهن کي هڪ ڀيرو ڏسندو هو يا ساڻس ڪو واعدو ڪيل هوندو هيس ته اهو پاڻ کي به ياد هوندو هيس. تنهن ڪري ئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي اڄ به ماڻهو ياد ڪن ٿا ۽ سندس مخالف به مڃين ٿا ته ڀٽي جهڙو وزيراعظم پاڪستان کي وري نه ملي سگهيو آهي. تنهن ڪري موجوده پ پ حڪومت جي وڏي وزير لاءِ به اهو چئلينج آهي ته اهو پارٽي جي عظيم روايت تي هلي ۽ ثابت ڪري ته ذوالفقار علي ڀٽو جي روايتن تي هلي وڏو وزير پاڻ کي سرخرو ڪندو.
اسان جي حڪومت کي گذارش آهي ته اها اهڙو حڪومتي نظام قائم ڪري جو عوام کي حڪومت کي ياد ڪرائڻ لاءِ احتجاج نه ڪرڻا پون، پر پاڻمرادو سندن مسئلا هڪ هڪ ٿي حل ٿيندا وڃن.