پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ادارن کي غيرجانبدار رهڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته ماڻهو اِهو سمجهي رهيا آهن ته حڪومت آڻڻ وارا اوهان آهيو.
هڪ بيان ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته سندن بجيٽ ٽئڪس فري ۽ فلاحي آهي، عوام کي سولر پئنل ڏئي رهيا آهيون، بجلي واري معاملي تي سرندي وارن ۾ هٿ وجهو، غريب ڪيتري بجلي چوري ڪندو؟
ٻئي پاسي سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ن ليگ پنهنجي جعلي حڪومت بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عطا تارڙ ورغلائيندڙ بيان ڏئي رهيو آهي.
Prev Post
You might also like