لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان رابطو ڪري ڌرڻي جي مطالبن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
جماعت اسلامي جي ترجمان موجب، گهرو وزير محسن نقوي جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان فون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ هن ڌرڻي جي مطالبن بابت گفتگو ڪئي ۽ چيو ته حڪومت پوري سنجيدگي سان جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي.
ترجمان موجب، لياقت بلوچ گهرو وزير کي ٻڌايو ته پنج سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي بلن جي مد ۾ پنجاهه سيڪڙو رعايت ڏني وڃي ۽ بجلي بلن ۾ سليب ريٽ ختم ڪيو وڃي.
لياقت بلوچ چيو ته آءِ پي پيز سان ڪيپيسٽي پيمنٽ ۽ ڊالر ۾ ادائيگي وارو معاهدو ختم ڪيو وڃي، غريب پگهاردار طبقي تي ٽئڪس جو ظالماڻو ٻوجهه واپس ورتو وڃي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ وارو فيصلو واپس ورتي وڃي ۽ پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي ختم ڪئي وئي.
You might also like