اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر زرداري آئين جي آرٽيڪل 182 تحت ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل هڪ سال لاءِ سپريم ڪورٽ جا ايڊهاڪ جج مقرر ڪيا ويا آهن، جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم خان سپريم ڪورٽ جا اڳوڻا جج رهي چڪا آهن.