ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پ پ جي ايم پي اي ساجد جوکيو جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواست ٻڌڻي جي قابل نه هجڻ ڪري رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته درخواستگذار هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ مقرر مدي اندر سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل نه ڪئي، جسٽس محمد علي مظهر مقرر مدي اندر اپيلون داخل نه ڪرڻ سبب هڪ هفتي دوران وڌيڪ اپيلون رد ڪيون آهن، درخواستگذار ايڊووڪيٽ شاهه محمد زمان اسيمبلي ميمبر هئڻ باوجود ساجد جوکيو کي واٽر بورڊ جو وائيس چيئرمين بڻايو ويو، واٽر بورڊ هڪ خودمختيار ادارو آهي، واٽر بورڊ کي سرڪاري ملازم سمجهيو ويندو آهي.درخواستگذار ايم پي اي ساجد جوکيو کي واٽر بورڊ ۾ نوڪري ڪرڻ بعد نااهل قرار ڏنو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌحڪومت پاران جواب جمع ڪرايو ويو ته ساجد جوکيو کي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو اعزازي چيئرمين مقرر ڪيو ويو . سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت ۽ واٽر بورڊ جي جواب کانپوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. شاهه محمد زمان هاءِڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنچ ڪيو هو .
-
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي
منيلا (م ڊ ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ چاليهه ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي، اِها رقم پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن، انفراسٽڪچر جي اڏاوت تي خرچ ٿيندي، منصوبي تحت سنڌ ۾ صحت جون بنيادي سهولتون بحال ڪيو وينديون، ايشيا ترقياتي بئنڪ موجب، 2022ع ۾ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي، 21 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٻه سال گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثر عارضي گهرن يا شيلٽرز ۾ رهڻ تي مجبور آهن.