عمران چيو ته فوج کي غير جانبدار هجڻ گهرجي : عليمه خان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان ملاقات دوران چيو ته فوج پاڪستان  جي ريڙهه جي هڏي آهي ان ڪري ان کي غير جانبدار رهڻ گهرجي. ميڊيا رپورٽن مطابق اڊيالا جيل پهچڻ جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو ته اسان عمران خان سان ملاقات ڪئي، وڪيلن کي اندر نه وڃڻ ڏنو ويو. اڊيالا جيل ڪرنل جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته عمران خان کيس چيو ته ن ليگ ۽ پ پ کي اخلاقي طور شڪست ملي آهي، موجوده حڪومت چاهي ٿي ته  پي ٽي آءِ ۽ فوج آمهون سامهون هجن.  هن چيو ته عمران خان چئي چڪو آهي ته فوج پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. اسان نٿا چاهيون ته فوج ۽ عوام کي آمهون سامهون آندو وڃي، جيڪڏهن ملڪ ۾ قانون ۽ جمهوريت نه هوندي ته ملڪ اڳتي ڪيئن وڌندو؟ ملڪ ۾ ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي، ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا آهن. پي ٽي آءِ جي باني چيو آهي ته فوج کي غير جانبدار ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.