ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت اسپيشل شهرين لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا لاڳو ڪرڻ، پاڪستان ايسوسيئيشن آف دي بلائنڊ سنڌ کي16 ملين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏيندي اکين جي روشني کان محروم شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سندن گهرن کان اسڪول ۽ واپسي لاءِ گاڏيون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان ايسوسيئيشن آف دي بلائنڊ سنڌ جي وفد سان ملاقات ڪندي ڪيو. ان ملاقات ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحه فاروقي پڻ موجود هئا، جڏهن ته وفد ۾بلائينڊ ايسوسيئيشن جو صدر رياض ميمڻ، سينيئر نائب صدر غلام دستگير، جنرل سيڪريٽري سعد نور، فنانس سيڪريٽري محسن علي ۽ ٻيا شامل هئا.سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان مختلف معذور ماڻهن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا لاڳو ڪري رهيا آهيون، صدر آصف علي زرداري کيس بصارت کان محروم ماڻهن جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.. ايسوسي ايشن جي ميمبرن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته سندن ايسوسيئيشن لاءِ سالياني گرانٽ منظور ڪئي وڃي. ان تي وڏي وزير 16 ملين رپين جي سالياني گرانٽ جي منظوري ڏني ۽ ڊي اي پي ڊي سيڪريٽري کي سمري باضابطه منظوري لاءِ موڪلڻ جي هدايت ڪئي. ايسوسي ايشن جي ميمبرن وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندن ٻن سينٽرن لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي کي پڪ اينڊ ڊراپ لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت جي ضرورت آهي. وڏي وزير ٻارن کي گهر کان سينٽر/اسڪول وٺي وڃڻ ۽ پوءِ واپس گهر ڇڏڻ لاءِ ٻن گاڏين جي منظوري ڏني. ٻي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي انشورنس محتسب سيد ممتاز شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس اداري جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. ممتاز شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي محتسب 60 ڏينهن اندر مسئلا حل ڪري شفاف، منصفاڻي ۽ فوري انصاف فراهم ڪيو. ممتاز شاهه چيو ته گذريل سال اسان ڪمپنين خلاف 5000 جي لڳ ڀڳ شڪايتن تي فوري آرڊر جاري ڪري 5 ارب رپين جو رليف ڏنو. وڏي وزير وفاقي محتسب سيد ممتاز شاهه جي ذاتي ڪوششن ۽ محنت کي ساراهيو