رپورٽن موجب ٽيون ڏينهن انساني حقن جي سربراهه هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اسد بٽ کي ڪراچي پوليس ڪجهه ڪلاڪ حراست ۾ وٺي پڇا ڳڇا کان پوءِ آزاد ڪيو. کيس گم ٿيل بلوچن جي مسئلي ۾ نه پوڻ جو چيو ويو. کيس 28 جولاءِ تي بلوچستان ۾ نڪرندڙ ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ بابت پڻ پڇيو ويو.
ٻئي پاسي وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ کي ته جلسن جلوسن جي اجازت نه ٿي ڏئي پر ان جماعت اسلامي جي مهانگائي، بجلي جي اگهن ۾ واڌارن توڙي ٽيڪسن جي ڀرمار خلاف اسلام آباد ۾ ڏنل ڌرڻي جي اعلان تي 144 لاڳو ڪري رستن تي ڪنٽينر رکي ڇڏيا.
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ۽ هتي لکندا به رهيا آهيون ته جنهن به ماڻهو، اداري، جماعت، تنظيم، يا حڪومت کي ڪٿي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته اهو اصل ۾ ان کي تاريخ پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو ڏئي ٿي پر اسان وٽ ان احساس وچان مليل موقعي کي ناهي ڏٺو ويندو. مثال موجوده مسلم ليگ ( ن) جي حڪومت کي عوام جي خدمت جو ۽ جمهوري پارلياماني نظام کي مضبوط ڪرڻ جو جيڪو موقعو مليو آهي تنهن کي ڇا ان احساس وچان محسوس ڪيو ويو آهي ته حڪومت تاريخ ساز ۽ يادگار ڪم ڪندي يا اهڙي ڪم جو ارادو رکي ٿي. جيڪڏهن نه ته اسان جي کين اهائي تجويز هوندي ته ڀلي پنجن ڏينهن جي حڪومت ڪجي پر اها تاريخ ساز ۽ يادگار هجي.
اسان کي اهو ڏسندي بيحد تڪليف ٿي رهي آهي ته مسلم مسلم ليگ ( ن) جي شهباز شريف جي وزارت عظميٰ ۾ جيڪا حڪومت هلي رهي آهي سان ڪنهن ريت به عوامي ۽ جمهوري هئڻ جو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اسان جو خيال آهي ته حڪومت کي نج عوامي ۽ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ گهرجي. اسان کي اهو ڏسي پڻ ڇرڪ نڪري ويو آهي ته پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين اسد بٽ کي تحويل ۾ وٺي کيس بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ آواز اٿارڻ يا ان سلسلي ۾ ٿيندڙ ريلي ۾ شرڪت کان منع ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ گرفتار ڪيو ويو. ڇا اهو سڀ هڪ جمهوري حڪومت کي سونهين ٿو ۽ ايئن جماعت اسلامي جي اسلام آباد ۾ ڌرڻي يا ريلي کي ڏسندي 144 لاڳو ڪرڻ جمهوري عمل حڪومت کي زيب ڏئي ٿو. اهڙا غير جمهوري عمل ته مارشل لائن ۾ ٿيندا آهن، آمريتي دورن جون اهي روايتون هونديون آهن.پي ٽي آءِ جي وري به ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي جو انهن هڪ ڀيري 9 مئي تي رياستي ادارن کي نشانو بڻايو هو پر جماعت اسلامي کي به احتجاج ڪرڻ نه ڏجي ۽ انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين سان غير انساني ۽ غير جمهورتي ورتاءُ ڪرڻ انتهائي افسوس ۽ مذمت جوڳو عمل آهي.اهڙن عملن ۽ پاليسن سبب ئي اسان جي جمهوري ۽ عوامي حڪومتن جي بدنامي ٿي آهي ۽ هاڻي ته عالمي برادري پاران به پاڪستان حڪومت جي غير جمهوري روين جو نوٽيس ورتو پيو وڃي.
سو حڪومت کي پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي ۽ صحتمند جمهوري توڙي پارلياماني روايتن جو ڦل عوام، سياسي جماعتن ۽ ملڪ کي ڏيڻ گهرجي. عوام، ملڪ ۽ دنيا کي محسوس ڪرائڻ گهرجي ته پاڪستان اندر هڪ بهترين جمهوري ۽ پارلياماني نظام آهي. اسان جي ملڪ جي مضبوط جمهوري نظام ۽ مضبوط پارليامينٽ جي سڀ کان گهڻي ذميواري پ پ ۽ مسلم ليگ ن تي ٿي اچي جو اهي جماعتون گهڻا ڀيرا اقتدار ۾ اچي چڪيون آهن يعني حڪومت ڪرڻ جو کين وسيع تجربو آهي.ان وسيع تجربي جي به تقاضا اها آهي ته حڪومت عوامي ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪري ۽ عوام دوست پاليسون جوڙي، فيصلا ڪري جيئن عوام کي واضع طور محسوس ٿئي ته مارشل لائن کان جمهوري حڪومتون ئي بهتر آهن پر افسوس ته ٻنهي اقتداري جماعتن پ پ ۽ مسلم ليگ ن اهڙي ساک جوڙڻ جي ڄڻ ته ڪوشش ئي ناهي ڪئي. عام تاثر اهو آهي ته انهن جماعتن اقتدار ۾ پاڻ کي ئي نوازيو آهي پر عوام کي ڪجهه ناهي مليو.
هن سال جڏهن چونڊون ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ مسلم ليگ (ن) پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وغيره کي گڏيل حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته اسان تڏهن ئي ايڊيٽوريل ۾ کين نئين سياست متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي ته هاڻي سياسي جماعتون گڏجي جمهوري ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط ڪن، پراڻن خراب تجربن مان سکن، انتقامي ڪاررواين ۽ مخالفن تي ڪوڙا ڪيس قائم ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ جمهوري روايتن کي همٿائن پر افسوس ته ايئن نه ٿي سگهيو. ملڪ جو حڪومتي نظام ڪنهن ريت به درست رخ ۾ هاڻي به نه هلي سگهيو آهي ۽ بد کان بدصورت حال مان گذري رهيو آهي ۽ڪنهن ريت به ان مان نڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو الميو آهي. اهو الميو ملڪ جي حڪومتي نظام کي اڳتي وڌائڻ بدران ان کي ناڪام ترين نظام بڻائي رهيو آهي.
اها صورتحال ڪيڏي نه تشويش ناڪ آهي ته هن ملڪ کي بلوچستان جي نياڻي ماهه رنگ بلوچ مان خطرو آهي، انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين اسد بٽ کان خطرو آهي، ملڪ جي نوجوانن، سياستدان،سياسي جماعتن، اديبن، دانشورن، صحافين ۽ ميڊيا کان خطرو آهي پر ملڪ جي اصل دشمن پاليسن کان خطرو ناهي، غير جمهوري نظام کان خطرو ناهي، مافيائن کان خطرو ناهي، ڪرپشن کان خطرو ناهي، غير آئيني ۽ غير قانوني ڪمن کان خطرو ناهي، ڌاڙيلن، ڦورن ، قاتلن کان خطرو ناهي، پر خطرو آهي ته جمهوري ۽ پارلياماني نظام کان خطرو آهي جنهن کي مضبوط ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي.
اسان جو خيال آهي ملڪ جي بقا، ترقي ۽ عوام جي خوشحالي مڪمل طور تي جمهوري، پارلياماني ۽ آئيني نظام جي هلڻ ۾ آهي. جمهوري نظام جي مضبوطي ۽ آئين قانون جي بالادستي سان ملڪ به ترقي ڪندو ته عوام به خوشحالي ماڻيندو تنهن ڪري موجوده حڪومت کي گهرجي ته اها جمهوري ۽ سياسي روايتن کان نه ڊڄي ۽ ملڪ کي غير جمهوري طاقتن وانگر غير سياسي ڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو ملڪ لاءِ سياسي موت هوندو. ملڪ جي بقا جهموري ۽ سياسي نظام ۾ آهي تنهن ڪري سياسي ۽ جمهوري حڪومت جو فرض آهي ته اهي ملڪ اندر سياسي ۽ جمهوري روايتن کي مضبوڪ ڪن بجاءِ ان جي ته ان کان ڊڄي انهن روايتن تي پابندي لڳائين.