پاڪستان جا غدار محبِ وطن

تحرير: وسعت الله خان

انهن مان ڪي اھي به آهن جيڪي ٻاھرين ملڪن ۾ ملڪي سلامتي خلاف رٿون  بيان ڪري رھيا آهن ۽ پرڏيهي طاقتن جي زور تي پاڪستان ۾ وڳوڙ  پکيڙڻ چاهين ٿا. ڪجھه اھي آهن جيڪي پرڏيهه وڃي پنهنجي ئي ملڪ خلاف زهر اوڳاڇيڻ ۾ ڪا ھٻڪ محسوس نھ  ٿا ڪن. اهي پاڪستان جي نظريي ۽ اسلام جي نفاذ جو نعوذ بالله مذاق اڏائين ٿا “(مٿيون نقل1980ع جي ڏھاڪي ۾ جنرل ضياءُ الحق جي ھڪ تقرير مان ورتو ويو آهي، تڏھن  پي ٽي آءِ نه هئي، پر پيپلز پارٽي تھ هئي)

ھي  اها ئي  ضياالحق جي غيض وغضب جو پيپلز پارٽي هئي جيڪا پنھنجي حڪومت جي پھرين دور ۾، فيبروري 1975ع ۾ سرحد صوبي (خيبرپختونخواھ ) جي گورنر حيات محمد خان شيرپائو جي  بم ڌماڪي ۾ مارجي وڃڻ جي 48 ڪلاڪن اندر  ئي ان نتيجي تي پهچي وئي هئي تھ ان جي موت جي ذميدار  نيشنل عوامي پارٽي  (نيپ)آهي.تنهن ڪري ان پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو ۽ قيادت کي تحويل ۾ وٺي، ملڪ دشمني،ٻاھرين  آلھ ڪاري۽ غداري جا فرد جرم لاڳو ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ ان فيصلي جي توثيق ڪئي.

ھيءَ اها نيشنل عوامي پارٽي هئي جنهن کي عين پاڪستان انڊيا جنگ جي دوران 27 نومبر 1971ع تي يحيٰ حڪومت ملڪ دشمن ۽ غدار چئي ڪالعدم  قرار ڏنو ھو.بعد ۾ سويلين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي ڀٽو ان  پارٽي کي  اقتدار سنڀاليندي ئي بحال ڪري ڇڏيو ۽ بلوچستان ۽ سرحد ۾ ان پارٽي جي حڪومت ٺھي.

نون مهينن کانپوءِ ٻنهي صوبائي حڪومتن کي ملڪ جي سالميت بچائڻ جي نالي تي برطرف ڪيو ويو. ٽن سالن بعد نيشنل عوامي پارٽي ٻيهر غدار قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏني وئي. حالانڪ نيپ جو سربراهه قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو. سندس جماعت 1973ع جي آئين جي توثيق پڻ ڪئي پوءِ  غدار ٿي وئي.

پابندي مڙهيل نيپ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي نالي سان جنم ورتو، ان مارچ 1973 جي چونڊن ۾ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان  حصو ورتو ۽ ڀٽو حڪومت خلاف قومي اتحاد تحريڪ جو حصو پڻ بڻي.

ڀٽو دور ۾ ڪالعدم نيشنل عوامي پارٽي جي ولي خان سميت  ڪئين  اڳواڻن کي ملڪ دشمني ۽ غداري جي الزام ۾ سزا ڏيڻ جي حيدرآباد ٽربيونل قائم ٿيو، پر ضياءُ الحق رجيم تختي اونڌي ڪرڻ جي فورن بعد قيادت کي آزاد ڪري ڇڏيو. پوءِ انھي ئي رجيم  ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ ڏئي ڪري ھن جي مسلماني پڻ چيڪ ڪئي.

1983ع  ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (پابند ٿيل عوامي نيشنل پارٽي)  پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ضياءَ مخالف ايم آر  ڊي. جو ڪجهھ عرصي لاءِ  حصو بڻي. ٽن سالن کان پوءِ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ،عوامي نيشنل پارٽي جي نالي سان متحرڪ ٿي ۽ ايندڙ چاليهن سالن ۾ مختلف مرڪزي ۽  صوبائي حڪومتن  ۾مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ سان گڏ حصيدار بڻي.هاڻي ان جي حب الوطني ايندڙ ٻئي حڪم تائين شڪ شبھي کان ٻاهر آهي.

جي ايم سيد  پڻ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ مسلم ليگ ۾ ھن کان وڏو محب وطن ڪو به نه هو، پر نئين ملڪ ۾ سندس سياسي زندگي غداري ۽ نيم غداري جي پينڊولم وانگر جھولندي رهي. ڪڏهن نظربندي لاڳو ٿيندي هئي، ڪڏهن ختم ٿي ويندي هئي. ڪڏهن گل موڪليا ويندا آهن، ڪڏهن ڪيڪ. وفات کان پوءِ سندس نالو اُن گئلري ۾ لکيو ويو، جن سنڌ جي ماڻهن جي سياسي شعور کي هڪ نئون رخ ڏنو.

عوامي ليگ جي ڪهاڻي وڌيڪ دلچسپ آهي. 1968ع ۾ شيخ مجيب الرحمان سميت عوامي ليگ جي قيادت کي ايوب حڪومت پاران هندستاني ايجنٽ قرار ڏئي ڪري اگرتلھ سازش ڪيس ٽربيونل قائم ڪيو. پوءِ اوچتو غداري جوٽيگ هٽايو ويو.1970 جي اليڪشن ۾ عوامي ليگ کي حصو وٺڻ جي اجازت ملي. عوامي ليگ اوڀر پاڪستان ۾ ٻن سيٽن کانسواءِ سموريون کٽي ورتيون.

يحيٰ خان شيخ مجيب الرحمان کي ايندڙ وزيراعظم قرار  ڏنو، پر چئن مهينن کان پوءِ اوڀر پاڪستان ۾ فوجي ايڪشن شروع ٿيندي ئي عوامي ليگ کي پاڪستان جو غدار قرار ڏئي ڪري ڪالعدم قرار ڏنو ويو. قيادت يا ته زير زمين ھلي وئي، فرار ٿي وئي يا گرفتار ٿي وئي. کٽيل 160 سيٽن مان 76 کي خالي قرار ڏئي حڪومت جي حليف محب وطن  جماعتن  ۾ ورهايو ويو، پر متحده پاڪستان جي هن آخري پارليامينٽ جو اجلاس ڪڏهن به نه ٿي سگھيو.

جنھن ذوالفقار علي ڀٽو اوڀر پاڪستان ۾ فوجي ايڪشن  ۽ عوامي ليگ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي کي ڀليڪار ڪندي چيو ھو ته خدا جو شڪر آهي ته اڄ پاڪستان بچي ويو، ان ئي ڀٽو فيبروري 1974ع ۾ لاھور ۾ ٿيندڙ اسلامي سربراه ڪانفرنس دوران شالامار باغ  ۾ بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان  هٿ هوا ۾ بلند ڪيو  چيو ھو،تون منهنجو ڀاءُ آهين.

ڪميونسٽ پارٽيءَ پھرين سياسي جماعت ھئي جنھن کي 1954 ۾ڪالعدم قرار ڏنو ويو. ان جرم اھو ھو تھ ان ڪجهه فوجي آفيسرن سان گڏجي شهيد وزيراعظم لياقت علي خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش رچائي هئي. اهو تاريخ ۾ پنڊي سازش ڪيس جي نالي سان  محفوظ آهي.

ٻن وڏين سازشين مان هڪ فيض احمد فيض جو ڪلام  هاڻي جماعت اسلامي کان وٺي شهباز شريف تائين هر ڪو پنهنجي تقريرن ۾ بنا ڪنهن جهل پل جي استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته مکيه سازشي ميجر جنرل رٽائرڊ اڪبر خان بعد ۾ ڀٽو حڪومت ۾ قومي سلامتي جي صلاحڪار جا فرض انجام ڏنا.جڏھن تھ  ٽئين سازشي سجاد ظهير کي پنڊت جواهر لعل نهرو جي درخواست تي پاڪستان مان جلاوطن ڪيو ويو.

اوڀر بنگال کي پاڪستان ۾ شامل ڪرائيندڙ  حسين شهيد سهروردي، کي پھرين محب وطن پاڪستاني جو تمغو مليو. پوءِ غداري جو سرٽيفڪيٽ ھٿ ۾ ڏنو ويو پوءِ وزير اعظم ٿيو ۽ پوءِ غدار طور بيروت ۾ وفات ڪري ويو.

ولي خان جي والد  خان عبدالغفار خان، ملڪ بڻجڻ بعد جي شروعاتي غدارن ۾ پھرين فرست ۾ھو. سندس پٽ به ”مشڪوڪ پاڪستاني“ قرار ڏنو ويو. اڄ  پشاور  ايئرپورٽ باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي ۽ مردان ۾ خان عبدالولي خان يونيورسٽي قائم آهي.

اڪبر بگٽي سڄي زندگي اسٽيبلشمينٽ  نواز سمجھيو ويندو  رهيو.آخري وقت ۾ خبر ناھي ڇا سجھيو جو  ھو ‘غداري’ جي رستي تي هلي پيو. ايترو تجربيڪار سياستدان جيڪونائب بچاءَ وارو وزير، گورنر ۽ وڏو وزير رھيو اھو سامھون جو نڪتھ نظر نھ سمجھي  سگهيو ته اسٽيبلشمينٽ خلاف بغاوت ئي دراصل ملڪ سان غداري آهي.

بينظير ڀٽو کي  دل نھ چاھيندي بھ ٻه ڀيرا وزيراعظم تھ ڪيو ويو، پر هوءَ حساس قومي ادارن جي نظر ۾ سيڪيورٽي رسڪ ئي رھي. الطاف حسين غدار ۽ پرڏيهي ايجنٽ ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ تائين بادشاهه گرن  جي اکين جو تارو هو.

عمران خان بطور ”مسٽر ڪلين“ بادشاه گرن  جو ” بليو آئيڊ بواءِ “  قرار ڏنل ھو، پر جڏهن سندس قلم  ٻوٽي پنهنجون پاڙون پاڻ پڪيون ڪيون، هن پاڻ کي واقعي وزير اعظم سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ”نظام شمسي“ کي اکيون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي.لا محالھ ملڪي سالميت جي دشمني، ادارن ۽ عوام کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ  ۽ لاقانونيت کي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ طرح طرح سان جڪڙجي ويو. هاڻي سندس ئي پارٽيءَ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ  جي ڪوشش کي ’فتني ‘ جو تشفي بخش سمجھيو پيو وڃي، جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جي نظر ۾ اهو فتنو ناھي  بلڪھ هڪ جائز سياسي جماعت آهي.

مسلم ليگ جو تھ خير سمجهھ ۾ اچي ٿو ، پر پيپلز پارٽي پڻ 56 سالن ۾ ڪئين  سياسي زخم سهي کائڻ جي باوجود ، جيڪڏهن ڪجهه سکي ته اهو سکي ؟ ريوالونگ ڊور پنھنجي  جاءِ تي قائم و دائم آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.