آمريڪي صدارتي اميدوارلاءِ ڪملا ھيرس   آن لائن ووٽ وٺندي

آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ  پاران حتمي اميدوار جو فيصلو تھ نھ ٿيو آھي پر گھڻا امڪان خاتون اميدوار ڪاملا هيرس  جا نظر اچي رھيا آھن.ان بابت فيصلو ايندڙ ھفتي ٿي ويندو.ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران سامھون آيل تجويز بعد پارٽي نمائندا کيس آن لائن ووٽنگ ذريعي ھن جي حمايت پڌري ڪندا. اربع تي ڪنوينشن جي ضابطن واري ڪميٽي جي منظور ڪيل تجويز جي موجب  ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا نمائندا سڄي آمريڪا ۾ امڪاني صدارتي اميدوارن لاءِ آن لائن ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏيندا.

ڊيموڪريٽڪ پارٽي 5 نومبر جي صدارتي چونڊ لاءِ پنهنجي اميدوارن لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي جڏهن صدر جو بائيڊن مهم تان هٿ کڻي ويو ھو. هينئر تائين، ڪملا هيرس واحد اعليٰ جمهوري اڳواڻ قرار ڏني پئي وڃي.جنهن عوامي طور تي اعلان ڪيو ته هوءَ صدارتي نامزدگي جي طلب ڪري رهي آهي.سمجھيو وڃي ٿو ته هوءَ  يقيني طور تي صدارتي نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. پر ان جو حقيقي فيصلو پھرين آگسٽ تي ورچوئل بيلٽنگ جي نتيجن سان ٿي سگھندو.

اھڙي ريت ھوءَ  19 کان 22 آگسٽ تائين شڪاگو ۾ ٿيندڙ پارٽي ڪنوينشن کان ڪيترائي ڏينهن اڳ صدارتي اميدوار بڻجي سگهي ٿي.

ڊيموڪريٽڪ نيشنل ڪميٽي جي چيئرمين جيمي هيريسن صدارتي ريس مان بائيڊن جي نڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪنوينشن جي ورچوئل اجلاس  جي ڳالھھ ڪندي چيو ھو تھ اسان رات جي اونداھي ۾ اسان پنھنجا چمڪندڙ ستارا ڏسي سگھون ٿا.

پارٽيءَ جي ورچوئل بيلٽنگ پلان کي 157 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. جڏهن ته اڌ ڪلاڪ جي ڊگهي بحث کان پوءِ مخالفت ۾ ٽي ووٽ ھئا.پروگرام موجن ڪملا هيرس يا ڪنھن  ٻئي امڪاني ڊيموڪريٽڪ چيلينجر کي 30 جولاءِ جي شام تائين صدارتي نامزدگي لاءِ 300 نمائندن جا اليڪٽرانڪ دستخط جمع ڪرائڻا پوندا. جنھن سان اھو سمجھي سگھبو تھ پارٽي اندر سندس حمايت موجود آھي.جيڪڏهن ڪملا هيرس پارٽي جي واحد اميدوار رهي ٿي تھ نمائندن جي ووٽنگ پھرين آگسٽ تي شروع ٿيندي.

صدر بائيڊن اڳ ۾ ئي ڪملا هيرس جي حمايت جو اعلان ڪيو ھو، جڏهن هو 21 جولاءِ تي مهم تان دستبردار ٿي ويو ھو. ڪانگريس جا سوين ڊيموڪريٽڪ ميمبر ۽ گورنرن، گڏوگڏ ليبر يونين ۽ سرگرم تنظيمن جي اڳواڻن ڪملا هيرس جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ان ھوندي بھ اڪثريت جي ڳالھھ کي اھميت ڏيڻ جو رواج آھي.

هڪ ايسوسيئيڊ پريس پول موجب، نائب صدر ڪملا هيرس کي 1,976 کان  وڌيڪ پارٽي جي نمائندن جي حمايت حاصل آهي. هي اهو نمبر آهي جنهن کي انهن کي پهرين بيلٽ ۾ کٽڻ جي گھربل آھي. بهرحال، نمائندن جو تعداد خود بخود هيرس کي پارٽي جي صدارتي اميدوار نٿو بڻائي سگھي.پارٽي ورچوئل ووٽنگ جي عمل کي اڳتي وڌائي  رهي آهي ڇاڪاڻ ته پارٽي  ڪنوينشن ۾ رسمي اعلان جو انتظار نٿي ڪري سگهي. ڇاڪاڻ جو اوهائيو رياست بيلٽ پيپر تي اميدوارن جي نالن شايع ڪرڻ  لاءِ 7 آگسٽ جي آخري تاريخ مقرر ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.