اسلام آباد(جاويد چوڌري) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن(ر) صفدر فوج خلاف انڪشاف ڪري پنهنجي پارٽي کي ئي لوڏي ڇڏيو،ڪيپٽن صفدر ان گائيڊڊ ميزائل آهي، هن جي ڳالهين سان پارٽي ڏچي ۾ پئجي ويندي آهي، هن وقت صورتحال اها آهي ته وزيراعظم شهبازشريف”راولپنڊي“ ڏانهن ڏسي ڊگهو ساهه نٿو کڻي سگهي گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف بابت پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا تي ڳالهائيندي هڪ موقعي تي ائين لڳو ڄڻ آرمي چيف جي محبت ۾ شهباز شريف روئي پوندو، فوج کي به پنهنجي سربراهه جي ايتري ڳڻتي ناهي جيتري شهبازشريف کي هوندي آهي،پارٽي نوازشريف کي چيو آهي ته ڪيپٽن صفدر لاءِ ريڊلائن ڇڪي وڃي،هو جلد ئي پاڪ فوج زندهه باد جا نعرا هڻندي نظر ايندو، جڏهن ته مسلم ليگ ن هاڻي اهو محسوس ڪري رهي آهي ته فوج گهڻي دير هنن جو بار نٿي کڻي سگهي،پارٽي اڳواڻ نجي محفلن ۾ چئي رهيا آهن ته اسان جي پارٽي ڪو بيانيو نه ٺاهي سگهي، عمران خان روز ڪو نئون بيانيو کڻي اچي ٿو،هن جي بيانئي سان مقابلي لاءِ اسان وٽ ڪا به حڪمت عملي ناهي.