ڪوئيٽا(م ڊ) بي اين پي(مينگل) جي مرڪزي اڳواڻ ثناءُ الله بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۾ گورننس جو بحران آهي ان تي بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان ۾ جهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي سيڪريٽري سيڪريٽ مان نه نڪري سگهندا، ڪوئيٽا ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته صوبي ۾ گورننس جو بحران سڀني جو پيدا ڪيل آهي،بلوچستان ۾ مڪالمي جو به قحط آهي، جڏهن توهان اليڪشن انجنيئرنگ طريقي سان ڪرائيندا ته گڊ گورننس ڪڏهن نٿي اچي سگهي، ڪوئيٽا شهر کان علاوه بلوچستان ۾ ڪٿي به حڪومت جي رٽ ناهي، ڪامورا ٻڌائن ته ڇا انهن جي ڪم ۾ مداخلت ناهي؟ هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان جون 19يا 18 سيٽون آهن ڊجيٽل ميڊيا جي ٿورن سان بلوچستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هر مرد،عورت آدم شماري ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو هو،صوبي جي آبادي اڍائي ڪروڙ تائين پهتي آهي،هن ملڪ ۾ انڌير نگري ڏسو ته آدم شماري ۾ لاوارث بلوچستان جي آبادي 70 لک گهٽائي وئي آهي،ان سان اين ايف سي تحت ساليانو 150 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي،قومي اسيمبلي ۾ 9 سيٽون گهٽ آهن،وفاقي نوڪرين ۾ صوبي جي ڪوٽا گهٽ ٿي وئي ،اسان عدالت وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر چيو ويو ته سي سي آءِ جو فيصلو آهي، ان فيصلي پٺيان رڳو ڪامورا ئي نه هئا پر ٻيا طاقتور ماڻهو به شامل هئا، هن چيو ته بلوچستان جو چئلينج گورننس جو ناهي پر وسيلن جو آهي،هتي في ڪس آمدني گهٽ آهي،بلوچستان جو اصل مسئلو ڪنهن نواب،سردار،گورننس جو ناهي توهان منهنجي زمين،جاگرافي،جبلن، ندي نالن،منهنجي سمنڊ،ساحل،وسيلن کي اهميت نه پيا ڏيو،توهان رڳو اهو چئو ٿا ته آبادي بنياد تي فنڊ ملندا ته بحران ته اتان ئي شروع ٿئي ٿو،هن چيو ته مشرف دور ۾ بلوچستان بابت پارلياماني ڪميٽي ٺهي هئي ان ڪميٽي ۾ بلوچستان جي صحت، تعليم، معيشت،گئس ورهاست،وفاقي ۽ صوبائي نوڪرين ۾ نمائندگي،انفراسٽرڪچر سميت 47 نڪتا پيش ڪيا هئا ان جي رپورٽ به ٺهي پر 2005ع ۾ ان وقت بلوچستان ۾ اڃا به وڌيڪ حالتون خراب ٿي ويون،اهي حالتون اڄ تائين سڌيون ٿيڻ جو نالو نه پيون وٺن،هن چيو ته ڪي پي ۾ اسان کان سائز ۾ ننڍو آهي، اتي 20،25 سالن ۾ ترقي ٿي آهي، توهان ڏسو ته بلوچستان جا پرڏيهي ريمنٽنس ٻڙي آهن، مقامي ريمنٽنس به 0.3 سيڪڙو تي آهي، هتي غربت جي شرح 72 سيڪڙو آهي،هن چيو ته معذرت سان چوندس ته سي پيڪ جي مد ۾ بلوچستان ۾ هڪ ڪلوميٽر به روڊ ناهي ٺهيو،سي پيڪ جي حوالي سان سمورا مضمون ۾ پڙهيا آهن، بلوچستان ۾ رڳو 700 ملين جو واعدو ڪيو ويو هو، ان مان 400 ملين جو گوادر ايئرپورٽ آهي، هڪ ڪول پاور پلانٽ هو اهو به نه ٺهيو،اسان جي ڇاتي تي ته هر وقت پاڪستاني جهنڊو هڻو ٿا پر حقيقتن کي نظرانداز نه ڪريو،توهان ۽ اسان ورهايل آهيون، اسان جا ٻار تعليم کان محروم،صحت جون سهولتون ناهن،معاشي اوسر ۽ انساني ترقي جا وسيلا به ميسر ناهن،هتي تعليم جو معيار اهڙو آهي جو توهان جو ٻار ڪراچي ۾ نوڪري نٿو ڪري سگهي، وچ اوڀر يا ٻاهريان ملڪ ته ڇڏي ڏيو،وچ اوڀر جا ماڻهو ڪنهن دور ۾ بلوچستان ۾ نوڪريون ڪرڻ ايندا هئا پر گورننس جي سسٽم سبب سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو، ان ۾ اسان جون به غلطيون شامل آهن،سي پيڪ جي حوالي سان پاڪستان ورهايل آهي، سي پيڪ جون سموريون مهربانيون اوڀر ڏانهن منتقل ٿيل آهن،اولهندو رمپ مڪران،مند،چاغي کان بلوچ ۽ پشتون علائقن تي مشتمل آهي،توهان هتي تعليم، صحت ۽ اڪنامڪ ڪوريڊورز بڻايو،اسان کي رڳو روڊ ۽ ٻه چار پاور پلانٽس نه کپن،بدقسمتي سان اهي پاور پلانٽ به نه بڻيا، هن چيو ته جڏهن سول معاملن ۾ مداخلت هوندي ته ڪامورا ۽ سياستدان ڪيئن آزاداڻي نموني ڊليور ڪري سگهندا؟ سينئر سياستدان مشاهد حسين سيد خطاب ڪندي چيو ته 2005ع ۾ نواب اڪبر بگٽي سان ڳالهين لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جي رپورٽ تي عمل ٿي وڃي ها ته اڄ بلوچستان جا 70 سيڪڙو مسئلا حل ٿي وڃن ها، اسان جي معاشري ۾ هر ڪو من پسند شخص کي سرڪاري عهدن تي مقرر ڪرڻ چاهي ٿو، سي پيڪ جو هڪ فيز ڪامياب ٿيو ٻئي فيز تي ڪم جاري آهي،بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان حڪومت کي هن وقت خراب حڪمراني، امن امان۽ ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پنجابي يا اسٽيبلشمينٽ تباهي جا ذميوار ناهن، بلوچستان کي اسان تباهه ڪيو،