ايڇ آر سي پي چيئرپرسن گرفتار ۽ آزاد، چيو ويو بلوچ اڳواڻن کان پري رهو: اسد بٽ

ڪراچي( ع آ نيوز) انساني حقن جي چيئرپرسن اسد بٽ کي گرفتار ڪري گم ٿيل بلوچن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو، سندس چوڻ آهي ته کيس چيو ويو ته بلوچن جي معاملي کان پري رهو. ڪراچي پوليس هيومن رائيٽس ڪميشن (ايڇ آر سي پي) جي چيئرمين اسد بٽ کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا لاءِ گلبرگ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ڪراچي سينٽرل ذيشان صديقي بي بي سي کي ٻڌايو ته اسد بٽ کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو پر کيس پڇا ڳاڇا لاءِ  ڊي ايس پي جي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي موجب کانئس بلوچستان ۽ ريلي ۾ شرڪت بابت ڪجهه انٽيليجنس اطلاعن تي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. بي بي سي سان فون تي ڳالهائيندي اسد بٽ چيو ته هن کان بلوچ گم ٿيل ماڻهن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ۽ انهن کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو ويو. سندس موجب، هن پوليس کي ٻڌايو ته هو ان مسئلي کان پري نه ٿو رهي سگهي. سندس موجب جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو ڪوئيٽا ويو آهي ته هن چيو ته هو گذريل 8 سالن ۾ اتي نه ويو آهي. اسد بٽ موجب پوليس هاڻي چوي ٿي ته ”اها غلطي هئي، پوليس پڇا ڳاڇا کانپوءِ اسد بٽ کي آزاد ڪيو. منيح جهانگير چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي ته ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن کي بلوچ ريلي ۾ شرڪت لاءِ پڇا ڳاڇا لاءِ پوليس اسٽيشن ۾ طلب ڪيو ويو آهي.  هنن مطالبو ڪيو ته رياست اسد بٽ وانگر انساني حقن جي محافظن تي ”دٻاءُ واري حڪمت عملي“ استعمال ڪرڻ بند ڪري.

نيشنل پارٽي پاران اسد بٽ جي گرفتاري جي مذمت

ڪراچي (پ ر) نيشنل پارٽي پاران انساني حقن جي ڪميشن جي چيئرمين اسد اقبال بٽ جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي آهي. مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر جان محمد بليدي،  مرڪزي نائب صدر مخدوم ايوب قريشي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسد بٽ انساني حقن جو علمبردار آهي ۽ هن ملڪ جي  مظلوم ماڻهن جو آواز اٿاريو آهي، سرگرم اڳواڻ جي غيرقانوني گرفتاري مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ عام شهرين سان ڇا ٿئي ٿو. حڪومت پنهنجي سياسي ۽ معاشي پاليسين ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عام شهرين خلاف ظلماڻي تشدد تي لهي آئي آهي. اسد بٽ جي حياتي کي ڪو نقصان ٿيو ته ذميوار سنڌ حڪومت هوندي. رياستي ادارا غيرذميوار ٿيندا پيا وڃن، انساني ۽ شهري حق ناقابلِ برداشت ٿيندا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.