لاهور (م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ته صورتحال جي سموري ذميواري حڪومت تي پوندي، هو ڊي چوڪ تي پرامن ويهندا، سڄي ملڪ جي ھر پاسي کان قافلا نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن. گوجرانوالا ۾ ڌرڻي جي تياري ڪيمپ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي امير جماعت اسلامي چيو ته احتجاج ڪامياب ٿيندو، عوام کي رليف ڏنو ويندو، آواز اٿارڻ قوم جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، انتظاميه کي گهرجي ته هو احتجاج کان نه روڪين. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويندو. آئون هر طبقي جي نوجوانن، مزدورن، صنعتڪارن، واپارين، هارين کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو. اسان چاهيون ٿا ته بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن، سليب سسٽم ختم ڪيو وڃي، کاڌي پيتي جي شين تي لڳايل غيرقانوني ٽيڪس ختم ڪيو وڃي ۽ پگهاردار طبقي مٿان ٽيڪس ختم ڪيو وڃي.