آمريڪا جا پاڪستان جي چين سان دوستي ختم ڪرڻ لاءِ جتن

لنڊن(رضا رومي) حڪومت جيڪڏهن ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ته سپريم ڪورٽ فوري طور ان کي اڏائي ڇڏيندي، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله جو نيويارڪ بار ۾ خطاب ان سلسلي ۾ واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي،اسٽيبلشمينٽ واضح اعلان ڪيو آهي ته عمران خان جي آزادي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندي،جيڪڏهن عدالتن کيس آزادي ڏني ته پوءِ اسان نئين حڪمت عملي اختيار ڪنداسين،آمريڪا جي ڪوشش آهي ته پاڪستان جي چين سان دوستي ختم ٿي وڃي، ڊونلڊ لو جو اهو بيان ته ”چيني سيڙپڪاري ماضي جو قصو آهي“ تمام اهم آهي،آمريڪا اهو پيغام ڏنو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري رکڻو آهي، عالمي سفارتي ويهڪ ۾ رهڻو آهي ته اسان جو ساٿ ڏيو،جيڪڏهن مارشل لا ۽ ايمرجنسي وغيره لڳائڻي آهي ته اها به ان صورت ۾ قبول هوندي ته توهان چين سان بلڪل منهن ڦيريو، ٻئي پاسي پاڪستان لاءِ چين جو ساٿ ڇڏڻ مشڪل آهي، چين پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ هٿيار ڏئي ٿو ۽ قرض به ڏئي رهيو آهي

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 26 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.