اسلام آباد(م ڊ) پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ جي ويب سائيٽ تي ڏنل انگن اکرن موجب، توانائي واري وزارت جي ماتحت، بيگاس مان بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس ۾ جي ڊي ڊبليو شوگر ملز يونٽ 2 ۽ جي ڊي ڊبليو شوگر ملز يونٽ 3 جهانگير ترين جي ملڪيت جي ملڪيت آهي.وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سلمان شهباز چنيوٽ پاور جو مالڪ آهي. ان کان سواءِ رحيم يار خان شوگر ملز، ليه شوگر ملز، المعيز انڊسٽريز ۽ چنار انرجي لميٽيڊ بيگس پاور پلانٽس موجود آهن.سليمان شهباز پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته هن کي ڪيپيسٽي پيمينٽ نه پئي ٿئي، صرف بجلي جي پيداوار جي رقم ملي ٿي.ملڪ ۾ فرنس آئل تي هلندڙ نشاط پاور پلانٽ منشا گروپ جي ملڪيت آهي. ان جو بورڊ چيئرمين ميان حسن منشا آهي، جيڪو ملڪ جي وڏي ڪاروباري شخصيت ميان منشا جو پٽ آهي. لعل پير پاور پلانٽ به نشاط گروپ جو آهي جيڪو ميان منشا جي ملڪيت آهي. اهڙي طرح ميان منشا جو نشاط گروپ جا پاڪ جين ڪمپني ۾ به وڌيڪ شيئر آهن..پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي موجب، نديم بابر جيڪو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ پيٽروليم بابت صلاحڪار هو، ان جا اورينٽ پاور ڪمپني ۾ 22 سيڪڙو شيئرز آهن. سيف پاور پراجيڪٽ سيف گروپ آف ڪمپنيز جي ملڪيت آهي، جيڪو خيبرپختونخواهه جي هڪ مشهور سياسي خاندان سيف الله جي ملڪيت آهي. اينگرو پاور پراجيڪٽ اينگرو انرجي لميٽيڊ جي ملڪيت آهي، جيڪو دائود گروپ جي دائود هرڪيولس گروپ جي ملڪيت آهي، جيڪو ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪاروباري گروپ مان هڪ آهي.ان حوالي سان عمار حبيب جو چوڻ هو ته اڌ کان وڌيڪ پلانٽس حڪومت جا آهن يا وري انهن ۾ هولڊنگ آهي. اهڙي طرح سي پيڪ تحت چيني ڪمپنين جا پلانٽ ۽ نجي سيڙپڪارن جا پلانٽ به آهن. سندس چوڻ آهي ته اها ڳالهه درست ناهي ته اڪثر پلانٽس سياسي خاندانن جي ملڪيت آهن.نيپرا جي اڳوڻي چيئرمين توصيف فاروقي چيو ته آءِ پي پيز کي اهي ادائگيون ڪيترن ئي سالن کان ٿي رهيون آهن پر ان تي ڪڏهن به بحث ناهي ٿيو.هن چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ 25 کان 30 پاور پلانٽس کي ادائيگي جو ريٽ 148 رپيا في ڊالر مقرر ڪيو ويو، جيڪڏهن نه ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جي حساب سان آءِ پي پيز کي 280 رپيا في ڊالر ادا ڪرڻا پون ها ۽ صارفين تي وڌيڪ بار ڪِري ها.