”سم نالو نامنظور“ڊزائين ابتي قرار،ڪنري ۾ ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) سم نالو نامنظور،  ڊبل موري کان ھاڪڙي ڍوري تائين برساتي پاڻي جي نيڪال جي لاءِ سم نالو ڪڍڻ  خلاف امڪاني متاثر ٿيندڙ سراپا احتجاج بڻيل آھن، مختلف يوسين جي رهواسين، زميندارن، هارين پاران ڌڻي ڏنو موڙ وٽ سم نالي جي کوٽائي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، مظاھرين غير قانوني سم نالو نامنظور جا نعره هنيا، مظاھري جي اڳواڻن علي رضا سولنگي، عطاالله چانڊيو، ڦوٽو جوڻيجو، مظھر چانڊيو، علي رضا آرائين ۽ ٻين دانھيندي چيو ته حڪومت ڊرين ڊويزن تحت ڪجھه بااثر ماڻھن کي فائدو پھچائڻ لاءِ ڊبل موري کان هاڪڙي ڍوري تائين برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ غير فطري ۽ غير قانوني سم نالو ٺاھي رهي آھي، جنھن سان پاڻي کي ته رستو ملي ويندو پر سم نالي سان انھن جا ڳوٺ، زمينون ۽ آباديون تباھ ٿي وينديون، ھنن چيو ته سم نالي سان تعلقي ڪنري جون چار ۽ جھڏو جي ھڪ يوسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا هزارين ماڻھو متاثر ٿيندا، ڳوٺن جا ڳوٺ تباھ ٿيندا ۽ ماڻھن جي زندگين جي لاءِ شديد خطرا پيدا ٿي ويندا، هنن چيو ته سم نالي کان هاڪڙو ڍورو جي سطحي مٿي آھي جنھن سان پاڻي نيڪال ٿيڻ بدران الٽو واپسي ايندو ۽ علائقي کي تباھ ڪري ڇڏيندو، هنن وزيراعليٰ سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته حڪومت ڪروڙين روپيا برباد ڪرڻ بدران هن غير فطري ۽ غير قانوني سم نالي کي ٺھڻ کان روڪي پاڻي جي قدرتي لنگھه بحال ڪرايا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.