منهنجي خلاف جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج لاءِ ڀڙڪائڻ جو بيانيو جوڙيو ويو: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ ايجنڊا تحت سندس خلاف جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج لاءِ ڀڙڪائڻ جو بيانيو جوڙيو ويو.  عمران جي ٽوئيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو  ته 70 جي ڏهاڪي ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو جيڪي ان ڳالهه کان بلڪل بي خبر آهن ته سوشل ميڊيا ڪيئن ڪم ڪري ٿي، ڊجيٽل دهشتگردي جي عنوان سان شيئر ڪري رهيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته سڄي پاڪستاني قوم کي دهشتگرد چئي قوم سان نفرت ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي 90 سيڪڙو آبادي تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺي آهي. 8 فيبروري تي پاڪستان جي 90 سيڪڙو عوام تحريڪ انصاف جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جيڪڏهن انهن سڀني کي ڊيجيٽل دهشتگرد چيو وڃي ته فوج ۽ عوام ۾ خال پيدا ٿي ويندو، ۽ اها نفرت پيدا نه ٿيڻ گهرجي. عمران خان چيو ته 1971 ۾ به ائين ئي ٿيو هو.  25 مارچ 1971ع تي جڏهن يحيٰ خان ڍاڪا اندر وڏي تعداد ۾ ماڻهن خلاف آپريشن ڪيو ته ان جا نتيجا ملڪ لاءِ سٺا نه نڪتا. عمران خان چيو ته ملڪ، حڪومتون ۽ سماج اخلاقيات جي بنياد تي ٺهندا آهن. جنهن سماج ۾ اخلاق ختم ٿي وڃن، اتي ڪجهه به نه رهندو. هن چيو ته آئين جي بالادستي ۽ حقيقي آزادي جو مطالبو ڪرڻ غداري ناهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته هن اسلام آباد ۾ ريلي جي اڳواڻي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ڏني آهي، پوري قوم ان ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ملڪ ۾ رائج ظالم ۽ فاشسٽ نظام خلاف ڀرپور تياري ڪري. ڪيپيٽل هڪ واقعي سان تشبيهه ڏيندڙ ٻڌائن ته ڇا سڄي ريپبلڪن پارٽي کي دهشت گرد قرار ڏنو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.