ڏوهاري کي سزا نه ملي ته دهشتگرد پارٽين کي سياسي پارٽي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو : مريم اورنگزيب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدليا کي گذارش آهي ته ڏوهاري کي سزا ڏيڻي پوندي نه ته سڀاڻي دهشتگرد پارٽين کي سياسي پارٽي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته 2014ع واري ڌرڻي ۾ چونڊيل وزيراعظم کي وزيراعظم هائوس مان گهيلي ڪڍڻ جو سڏ ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ جي ڀتن تي گندا ڪپڙا ٽنگيا ويا.
هن چيو ته اِهي ماڻهو رٿابندي تحت 2014 کان رياستي ادارن تي حملي آور آهن، جڏهن ملڪ ترقي ڪري رهيو هو ته ڌرڻو هنيو ويو .
سندس چوڻ هوته 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري ان شخص( عمران خان ) کي مڙهيو ويو، بي اعتمادي رٿ ذريعي کيس نيڪالي ڏني وئي ته سائفر جو ڊرامو ڪيائين.
صوبائي وزير چيو ته پوليس وارنٽ کڻي زمان پارڪ پهتي ته اتي پيٽرول بم ٺاهڻ جي ٽريننگ ڏني پئي هئي، 18 مارچ تي لشڪر ساڻ ڪري عدالت آيو جتي سندس ماڻهو ڪلاشنڪوف کڻي پهتا ۽ چيائين جيڪڏهن گرفتار ٿيس ته سخت ردعمل ايندو.
مريم اورنگزيب چيو ته اسان ڪهڙن ٿاڪن کي باهيون ڏنيون؟ ڪهڙن شهيدن جا مجسما ڪِيرايا؟ ڪهڙن پوليس وارن کي ماريو؟ اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن پارٽي تي پابندي لڳي پر عدليا کي گذارش آهي ته ڏوهاري کي سزا ڏيڻي پوندي نه ته سڀاڻي سمورين دهشتگرد پارٽين کي سياسي پارٽي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.