پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو، آمريڪا جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان ڪم کي سپورٽ ڪري ٿو ۽ پاڪستان سان گڏ سهڪار جو سلسلو جاري رهندو.
پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڀائيواري ۽ سهڪار جي ڊگهي تاريخ آهي، آمريڪا پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي اهيمت ڏئي ٿو، آمريڪا سمجهي ٿو .
هن چيو ته آمريڪا پاڪستان سان سهڪار جو سلسلو جاري رکندو، آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ پارٽنرشپ جي ڊگهي تاريخ آهي، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جي قربانين جي قدر ڪريون ٿا، گذريل سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار 9 اربن ڊالر کان ٽپي ويو.
ڊونلڊ بلوم چيو ته آمريڪا منگلا ڊيم کي نئين ٽربائنز سان اَپ ڪري گريڊ ڪري رهيو آهي، اسان اڍائي سئو ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري صاف پاڻي جي فراهمي ۾ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته 85 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري ميل نيوٽريشن جي خاتمي تي ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.