ڊجيٽل دهشتگردي ڪير ۽ ڪٿان ڪري رهيو آهي؟ فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف تي پابندي بابت نواز شريف ۽ آصف زرداري تاريخ جي سڀ کان وڏي غلطي ڪرڻ وارا آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته دهشتگردي ٽور عدالت جي محترم ججن تي اعتماد نه آهي، دنيا پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيون ڏسي رهي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته اوهان پي ٽي آءِ باني کي 14 مهينن کان باندي بڻائي رکيو آهي، ڪهڙو فرق پيو، بئٽ جو نشان کسيو ويو، الائي ڪهڙا ڪهڙا نشان ڏنا ويا، پوءِ به عوام ووٽ ڏنا.
سندس چوڻ هو ته جنهن کي ڊجيٽل دهشتگردي چيو پيو وڃي اِها پي ٽي آءِ ناهي ڪري رهي، ڊجيٽل دهشتگردي ٻاهرين ملڪن مان ٿي رهي آهي.
فواد چوڌري چيو ته ڪبينا جي اجلاس ۾ تحريڪِ انصاف تي پابنديءَ جو فيصلو اڄ ڪيو ويندو، نواز شريف ۽ زرداري تاريخ جي سڀ کان وڏي غلطي ڪرڻ وارا آهن، اوهان ان غلطي کانپوءِ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهندئو.
هن چيو ته اوهان نه سپريم ڪورٽ کي مڃيو ٿا نه ڪنهن قانون کي، رئوف حسن ۽ احمد کي ترت آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.