” منهنجو خاندان تباهه ٿي ويو“ جيا سان شادي بعد اميتاڀ جي پيءُ جا آتم ڪٿا ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي نامور جوڙي اداڪار اميتاڀ بچن ۽ جيان بچن جي شادي بابت ڪجهه دلچسپ تفصيل سامهون آيا آهن.
بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن ۽ جيا بچن جي شادي 3 جون 1973ع تي ممبئي ۾ ٿي هئي، وقت به وقت ٻنهي جي شاديءَ جون تصويرون سوشل ميڊيا وائرل ٿينديون رهنديون آهن.
پر شايد ڪيترن ئي مداحن کي اِها ڄان نه هجي ته اميتاڀ جي پيءُ هندي ٻوليءَ جي مشهور شاعر هريونش راءِ بچن پنهنجي پٽ جي شاديءَ بابت ڏاڍيون حيران ڪندڙ ڳالهيون پنهنجي آتم ڪٿا ( اِن دي آفٽر نون آف ٽائم ) ۾ لکيو آهن.
هريونش راءِ بچن موجب، سندس پٽ ۽ نُنهن پسند جو پرڻو ڪيو ۽ شادي جي تقريب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مهمانن شرڪت ڪئي، جيا جا گهر ڀاتي شادي مان خوش نظر نه پئي آيا، جيا جي پيءُ شادي کانپوءِ مون کي اچي چيو ته اڄ سندس خاندان تباهه ٿي ويو.
هن انڪشاف ڪيو آهي اميتاڀ ۽ جيا جي شادي ٻنهي گڏيل دوست جي گهر ۾ ٿي هئي، ڄاڃين ۾ رڳو پنج ڄڻا هئاسين، جنهن هو پاڻ ۽ ڪانگريس پارٽي جو اڳواڻ سنجي گانڌي شامل هو.
هريونش راءِ بچن چيو ته جيا جي والدين جي خواهش هئي ته شادي بنگالي ريتن رسمن تحت ٿئي جنهن تي اسان کي ڪو به اعراض نه هو.
هن ٻڌايو ته جڏهن شاديءَ جون رسمون مڪمل ٿيون ته مان جيا جي پيءُ کي واڌايون ڏيڻ لاءِ ويس ته کيس اميت جهڙو ناٺي مليو آهي، مون سمجهيو هو سٺي موٽ ڏيندو پر هن چيو ته ” منهنجو خاندان تباهه ٿي ويو“ اِهو ٻڌي مان دنگ رهجي ويس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.