مخصوص سيٽن بابت شرجيل ميمڻ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو ان تي عمل ڪيو ويندو.
هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عدالتن جا ڏکيا فيصلا به قبول ڪيا، هنن ڪڏهن به عدالتن جي توهين ناهي ڪئي.
صوبائي وزير چيو ته نئين بجيٽ اچڻ کانپوءِ هر شيءِ مهانگي ۽ معيشيت تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، هتي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته مخصوص سيٽن بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو، ان تي عمل ڪيو ويندو، ملڪ جو معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان جڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.