اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ٽولو اڄ نون حربن سان پاڪستان خلاف وارداتون ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي دهشتگرد حملن کي منظم سازش قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌي ويا آهن.
سڪيورٽي ادارن تي حملا منظم سازش آهي، پاڙيسري ملڪ سان دهشتگردي جا واقعا روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون آهن،
ٽي ٽي پي افغانستان ۾ ويهي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهي آهي، اتحادي حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي.
جرمني سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن تي حملا افسوس جوڳا آهن، پاڪستاني سفارتڪارن جي حفاظت لاڳاپيل ملڪن جي ذميواري آهي.
وزيراعظم چيو ته ويزا پاليسي ۾ نرمي سان پاڪستان پرڏيهه مان ايندڙن لاءِ پُرڪشش ملڪ بڻجي ويو آهي، 126 ملڪن جي شهرين کان ويزا فيس نه اوڳاڙي ويندي آهي، پرڏيهه مان ايندڙن لاءِ 24 ڪلاڪن اندر سهولت فراهم ڪئي ويندي، ويزا پاليسي بابت ڪابينا منظوري ڏيندي.
هن چيو ته فلسطين ۾ ظلم انسانيت کي لڄائيندڙ آهن جنهن جو ڪٿي مثال نٿو ملي، 40 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته عالمي ادارن اسرائيلي بربريت خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، عالمي عدالت به فلسطين ۾ ٿيل ظلمن کي بدترين قرار ڏنو پر اسرائيلي حڪومت تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جو ڪو اثر نه ٿيو، ميمبر ملڪن ايس سي او جي پليٽ فارم تان به ان مسئلي جو ذڪر ڪيو، پاڪستان آستانا ۾ ايس سي او ڪانفرنس ۾ اسرائيلي جارحيت واري معاملي کي ڀرپور انداز ۾ اُٿاريو، ٻين ميمبر ملڪن به ان مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث عنصر اڄ نون حربن سان پاڪستان خلاف وارداتون ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي آفيشل ويب سائيٽ تان آرمي چيف ۽ سندس ڪٽنب خلاف واويلا ڪئي وئي، پاڪستان جي مفادن کي بچائڻ لاءِ اسان پوئتي نه هٽنداسين.
You might also like