ڪويت سان واسطو رکندڙ ڪنوار پنهنجي مڙس سان شاديءَ جي ٽن منٽن بعد ئي طلاق وٺي ڇڏي.
سوشل ميڊيا سميت مختلف پرڏيهي ويب سائيٽ تي اڄڪلهه 2019ع ۾ پيش آيل واقعو بحث هيٺ آهي جنهن بابت چيو پيو وڃي ته ڪنوار شادي جي ٽن منٽن کانپوءِ پنهنجي تذليل تي مڙس کان طلاق گهري ورتي جنهن بعد ان شادي کي دنيا جي سڀ کان مختصر شادي قرار ڏنو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، شادي کانپوءِ عدالت ۾ نڪرڻ وقت ڪنوار جو پير تِرڪي پيو جنهن تي گهوٽ ڪنوار جي مدد بدران مٿس ٺٺول ڪئي ۽ کيس بيوقوف چيو جنهن تي ڪنوار تپي باهه ٿي وئي.
ان واقعي کانپوءِ ڪنوار ترت عدالت واپس وڃي شادي ڪرائيندڙ جج جي آڏو مڙس کان طلاق گهري ورتي ۽ عدالت جوڙي جي شادي ختم ڪري ڇڏي.
ڪنوار جي اهڙي فيصلي بابت سوشل ميڊيا تي واهپيدار مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن، ڪجهه واهپيدار فيصلي جي واکاڻ ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
You might also like