اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي غلطين سبب نه رڳو عمران خان جو جيل مان نڪرڻ ممڪن آهي پر هو حڪومت ۾ به اچي سگهي ٿو. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ ڪافي اختلاف رهيا آهن. آصف زرداري پهريون ڀيرو نواز شريف جي حڪومت ۾ جيل ۾ وڌو ويو ۽ شهباز شريف به پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ جيل ويو.حامد مير چيو ته اڄ جيڪڏهن پ پ ۽ ن ليگ گڏ آهن ته ان جو سبب عمران خان آهي، ڇو ته هو پيپلز پارٽي سان هٿ ملائڻ نه ٿو چاهي. هن مولانا فضل الرحمان سان دوستي ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي هئي پر هو پيپلز پارٽي سان دوستي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هن چيو ته جيستائين عمران خان پيپلز پارٽي سان هٿ نه ملائي، تيستائين ن ليگ سان گڏ رهندي، وٽس ڪو آپشن ناهي. پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جي خواهشمند آهي، ان حوالي سان پهرين پيپلز پارٽي ۽ بعد ۾ شهباز شريف کان پڇيو ويو هو.