واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي سيڪريٽ ايجنسي جي ڊائريڪٽر ڪيمبرلي چيٽل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.آمريڪي ميڊيا رپورٽ موجب ڪيمبرلي چيٽل ڪالهه ڪانگريس جي ڪميٽي آڏو پيش ٿي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ تي قاتلاڻي حملي ۾ سيڪيورٽي ناڪامي جو اعتراف ڪيو. پيشي جي موقعي تي ڪيمبرلي چيٽل چيو ته سيڪريٽ سروس ايجنسي ڊونلڊ ٽرمپ کي تحفظ ڏيڻ جي پنهنجي مشن ۾ ناڪام وئي، مان ٽرمپ جي ريلي ۾ سيڪيورٽي ناڪامي جي مڪمل ذميواري وٺان ٿي. ٽرمپ تي قتل جي ڪوشش سيڪرٽ سروس جي تاريخ ۾ سڀ کان اهم آپريشنل ناڪامي آهي. ياد رهي ته ٽرمپ تي حملي ۾ سيڪيورٽي ناڪامي تي سيڪريٽ سروس کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. 13 جولاءِ تي ڊونلڊ ٽرمپ پينسلوانيا ۾ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو ، حملي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا هئا.
SecretServicechief KimberlyCheatle resigns