ڪوٽڏيجي ۾ ڏوڪا پٽڻ تان پورهيت ڏنڊا هڻي قتل

خيرپور (رپورٽ:شاهد نواز سيال)ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوهو ڪناسرا ڀرسان کجين مان (ڏنگ) ڏوڪا پٽڻ تان  غلام فريد ڪناسرو ۽ الطاف ڪناسرو جن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ لٺيون ( ڏنڊا) لڳڻ سبب پورهيت غلام فريد پٽ حضور بخش ڪناسرو موقعي تي قتل ٿي ويو، اطلاع تي ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مقامي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول غلام فريد ڪناسرو جي ڀاءُ رفيق ڪناسرو جي فرياد تي جوابدارن الطاف حسين ڪناسرو، راجا، شعيب ڪناسرو سميت 2 نامعلوم جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي، آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.