عوامي آواز ٻيلي کاتي گهوٽڪي جي ڪامورن کي جاڳائي ڇڏيو

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: خالد وسير) گهوٽڪي ضلعي  جي ٻيلي  کاتي جي ڪامورن کي  عوامي آواز جاڳائي ڇڏيو، ٻيلي کاتي نوٽيس وٺندي 109 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ  ايس ايس پي کي خط لکي ڇڏيو آهي.ضلعي گهوٽڪي جي ٻيلن تي بااثرن پاران ميرپور ٻيلو، جروار ٻيلو ۽ وسير ٻيلو جي  271 ايڪڙ زمين تي فصل پوکي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر مالڪ ڏنو ملاح ايس ايس پي کي خط لکي ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪندڙ  عبدالحفظ چاچڙ، ﷲ ڏيوايو چاچڙ، ممتاز شر، شبير شر، اسلم لغاري، فريد لغاري، شهمير سميجو، موسيٰ سميجو، ايوب ڪورائي، احسان ڪورائي، سميت 109 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڊويزنل فاريسٽ آفيسر پاران ايس ايس پي کي قبضو ڪندڙ جوابدارن جي فهرست فراهم ڪري مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن منع باوجود غيرقانوني طورٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪري خريف جو فصل پوکي ڇڏيو آهي انڪري لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته ڄاڻايل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن. فاريسٽ آفيسر پاران اهڙي خط جي ڪاپي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي به اماڻي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.