سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر کپائيندڙن جو گهيراءُ ڪن: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين، سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي کي روڪڻ ۽ هيريٽيج جو درجو ڏيڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل تان هٿ نه کڻڻ کي سنڌ جي عوام سان دوکي بازي ۽ ٻٽو معيار قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر واري سڄي علائقي جو تحفظ ڪندا، ڪارونجهر هجي يا کارسر فطري حسناڪين، تاريخي ۽ تهذيبي ورثن سان هٿ چراند برداشت نه ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏيڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سنڌ سرڪار پاران سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ سان واضح ٿي ويو ته سنڌ سرڪار ڪارونجهر جو وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي، اسان سمجهون ٿا ته ڪارونجهر جو وڪرو سنڌ جي تاريخي ثقافت ۽ ورثي جو وڪرو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ قبول نه ڪندي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ ڪارونجهر کي نقصان پهچائڻ نه ڏيندا، هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ دشمن فيصلا ڪرڻ کان پوئتي نه پئي هٽي، هي اقتدار جي لاءِ سنڌ جا وسيلا، سمنڊ، درياهه، زمينون، ڪارونجهر، ٻيٽ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين کي نيلام ڪرڻ جا معاهدا ڪري چڪا آهن، اسان پيپلزپارٽي کي سنڌ دشمن جماعت سمجهون ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ان جا حمايتي دانشور روز ويٺا 18 هين ترميم جي آڙ وٺي پيپلزپارٽي کي جمهوريت جي چيئمپين جماعت سڏيندا آهن، پر اهي رڳو اهو ٻڌائين ته ڪهڙي قانون تحت سنڌ جون زمينون، معدني وسيلا ۽ جبل وفاق جي حوالي ٿي رهيا آهن، اهو به ٻڌايو وڃي ته انهن پاڻ 18 هين ترميم تي ڪيترو عمل ڪيو آهي، 18 هين ترميم رڳو پيپلزپارٽي جي وزيرن ۽ اڳواڻن جا پيٽ ڀرڻ جي لاءِ ڪم ايندي هوندي. سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي جوهر ۽ عمل ۾ سنڌ دشمن جماعت ثابت ٿي چڪي آهي، ڪارونجهر سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ٿر جي زندگي آهي، ان ڪري ڪارونجهر ۽ ان جي ڀرپاسي واري ڪنهن به علائقي ۾ ڪٽائي يا کوٽائي برداشت نه ڪئي ويندي، عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهي چيو ته پيپلزپارٽي ٻڌائي ته ڇا ايس آئي ايف سي ارڙهين ترميم جي روح جي خلاف ناهي؟، هڪ اهڙو ادارو ٺاهيو ويو آهي جيڪو سڄي ملڪ جي سمورن صوبائي ۽ وفاقي ادارن کان مٿانهون آهي ۽ جيئن چاهي ڪري سگهي ٿو، پيپلزپارٽي سميت سموريون اقتداري ڌريون ٻڏندڙ جهاز جون سوار آهن، هي چاهين ٿا سمورا وسيلا، زمينون ۽ جبل وڪرو ڪري ڇڏجن، سڀ ڪجهه ختم ڪري عوام کي خالي هٿين ڇڏيو وڃي. هن چيو ته ڪارونجهر کانسواءِ هنن کير ٿر نيشنل پارڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اتي هزارين ايڪڙ زمينون رهائشي اسڪيمن جي حوالي ٿي ويون آهن. نامياري وڪيل شبير شر چيو ته ڪارونجهر جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اڃا برقرار آهي، سپريم ڪورٽ اڃا اهو طئه ئي ناهي ڪيو ته سنڌ حڪومت جي اپيل ٻڌي سگهجي ٿي يا نه، ان ڪري جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪا به اهڙي حرڪت ڪري رهي آهي ته اها توهين عدالت هوندي، پر سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي حرڪتون ڪرڻ ۾ لڳل آهي. هن چيو ته ڪارونجهر ويو ته سڄو ننگر پارڪر تباهه ٿي ويندو، ڪارونجهر اهو واحد علائقو آهي جتي فطرت جا سمورا رنگ اڃا تائين موجود آهن هن چيو ته ڪارونجهر جي ختم ٿيڻ سان ان علائقي ۾ گرمي پد خطرناڪ حد تائين ويندو، ٿر رهڻ جهڙو نه رهندو، ڪارونجهر کي نقصان ڏيڻ انسانيت، ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جو قتلام ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته سنڌ مان ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، لکين ايڪڙ ٻيلن جون زمينون قبضو ٿي ويون آهن، عدالت جي حڪم باوجود انهن زمينن تان قبضو ختم ناهي ٿيو، گرمي پد ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اهڙو ٿيندو جنهن ۾ زنده رهڻ ممڪن نه هوندو.

مٺي(بيورو)سپريم ڪورٽ جي وڪيل ۽ قانوندان  سجاد احمد چانڊيو چيو آهي ته  تازو صوبائي وزير سردار شاھ ڏاڍو معصوميت واري انداز ۾ چئي رهيو هو ته ڪارونجهر ڪونه ڪٽينداسين ۽ اُن جي کارسر واري ٽَڪري ڪٽينداسين،هنن کي اُها خبر ڪونهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ چِٽن لفظن ۾ چئي چُڪي آهي ته ڪارونجهر جي ڪنهن ٽُڪري ڪٽائي جي ڪا اجازت ڪونهي،شايد موصوف وزير صاحب کي هاءِ ڪورٽ جي آرڊر جي خبر نه هوندي يا صاحب پڙهيو نه هوندو،هن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت جيڪي ڪمپنيون عدالت موجود هيون ۽ اُنهن جي وڪيلن جي اعتراضن باوجود سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر کي ورثو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو،اُنهن ڪمپنين جا وڪيل به ٻيهر ڪورٽ ناهن ويا ته پ پ کي ڪهڙو مَٿي ۾ سُور آهي جو هو سپريم ڪورٽ ۾ ويئي آهي، پ پ کي جيڪا حُڪومت ملي آهي اُنهي عيوض هنن کي سنڌ جا سمورا وسيلا نيلام ڪرڻا آهن،هي ٻيٽ،گورک هل،ڪارونجهر،دريا ۽ زمينون تين وال ڪرڻ لاءِ ويٺا آهن،هن چيو ته ُهو دور پري ناهي جنهن ڏينهن به اسٽيبلشمينٽ هنن مان هٿ ڪڍيو ته آئون ڪونه ٿو سمجهان ته پ پ جا مَڪر هي وڏيرا سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ لهي سگهن،

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)سردار شاھ جو ڪارونجهر سان عشق ڊرامو قرار،ساڃاھ وندن جبل جي نيلامي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ چهرا پڌرا  ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي جدوجهد وسيلي پنهنجا وسيلا ۽ قومي ورثا بچائڻا پوندا،سنڌ جي عوام کي گهرجي ته انهن مافيائن جي گهرن جوگهيراءُ ڪن،اڳوڻي ايم پي اي عبدالرزاق راهمون چيو آهي ته سنڌ حڪومت وارا ڪارونجهر کپائڻ چاهين ٿا تڏهن سپريم ڪورٽ ويا آهن،سردار شاھ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ سان گڏ اسيمبلي ۾ تقريرون ڪندي ماٺ نه ٿيندو هو ته اسان ڪارونجهر جي ڇيڙڇاڙ نه ڪنداسين،هاڻي ثابت ٿي ويو ته سردار شاھ منرل ۽ مائينز کاتي جو وزير آهي اُنهي جي کاتي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي،اسان هن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا،ڪارونجهر کي ڪورڻ نه ڏينداسين،اسان کي اُميد آهي ته سپريم ڪورٽ سنڌحڪومت جي درخواست رد ڪري سنڌهاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي،ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي صدر منور ساگر چيو ته منرل ۽ مائينز کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ پريس ڪانفرنس دوران جيڪي ڊاڙون هيون اُهي هاڻي ظاهر ٿي چُڪيون آهن پر کين ياد رکڻ گُهرجي ته سپريم ڪورٽ ۾ به اسان ڪارونجهر جو ڪيس وڙهنداسين ۽ هنن جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملائينداسين،ن ليگ ٿرپارڪر جي ضلعي صدر وڪيل هيمراج ڀيل چيو ته سنڌ حڪومت جي منرل ۽ مائنز کاتي ۽ صوبائي وزير سردار شاھ جا ڪارونجهر ڪورڻ وارا ارادا سنڌ جو عوام مٽي م ملائي ڇڏيندو،سنڌ جو عوام ڪارونجهر جو تحفظ پاڻ ڪندو،سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل چيو ته سردار شاھ ادب ۽ شاعري جي آڙ ۾ سنڌ جا اديب ۽ شاعر خريد ڪندڙ پيپلزپارٽي جو ادبي وڏيرو آھي،صوبائي وزير سردار شاھ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪارونجهر کي بلاڪن ۾ ورهايو آھي مطلب ٿر ۽ ڪارونجهر کي بلاڪن ۾ ورهائي ڪٽڻ چاهن ٿا،پيپلزپارٽي کي سنڌ وڪڻڻ عيوض اقتدار مليو آھي ،وڪيل ديال صحرائي چيو آهي ته حڪمرانن ڪارونجھر کي وڪڻڻ جو آخري فيصلو ڪري ورتو آھي،سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ واري قدم مان اھو ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت جي ڪجھ ماڻھن جا بيان صرف لفاظي ئي آھن،ھڪڙي پاسي حڪومت ء انھي جا ڪجھ نمائيندا ڪارونجھر کي بچائڻ واري ڳالھ ڪري ماڻھن مان حڪومت مخالف غصو ۽ ڪروڌ گھٽايو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي ھر فورم تي ڪارونجھر کي ڪٽڻ لاءِ قانوني طور تي راھ ھموار ڪئي پئي وڃي، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ مصطفيٰ دل چيو  ته سردار شاھ پنھنجي ئي ڪيل ڳالهه تان ڦري ويو آھي،ڪارونجھر سجاڳ فورم جلد پنھنجو لاء عمل جوڙي ھڪ دفعو ٻيھر ھتان جي مقامي ماڻھن سان گڏجي  احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندو،کارسر واسي سماجي ورڪر پونم سنگھ ٺڪر چيو آهي ته سنڌ اسان لاءِ وطن آهي جهڙا جعلي نعرا هڻندڙن لاءِ سنڌ صرف وکر آهي اسان سنڌ حڪومت جي هي سنڌ دشمن پاليسي کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شاهنواز هنگورجو چيو ته سردار شاھ  کي منرل ۽ مائينز واري وزارت ڪارونجهر کپائڻ لاءِ ڏني وئي آهي، حڪمران وسيلا کپائڻ ۾ زور آهن،ڪارونجهر جي مالڪي ڪبي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.