عمران خان پاران پولي گرافڪ سميت ٽيسٽون ڏيڻ کان انڪار

لاهور(م ڊ) لاهور پوليس پاران پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کان 9 مئي جي ڪيسن جي جاچ جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي،  جاچ دوران پوليس اڳوڻي وزيراعظم کان مختلف سوال پڇيا. عمران خان پولي گرافڪ، وائس ميچنگ ۽ فوٽو گرامينٽري ٽيسٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڪالهه لاهور پوليس جي جاچ ٽيم ڊي ايس پي جاويد آصف جي اڳواڻي ۾ اڊيالا جيل پهتي ، جيل ۾ پڇا ڳاڇا دوران عمران خان شروعاتي سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مون کي پوليس تي اعتبار ناهي.جاچ ٽيم جي سربراهه ڊي ايس پي جاويد آصف عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پوليس جي جاچ آفيسرن سان تعاون ڪريو، اوهان سان انصاف ڪنداسين.جاچ دوران عمران خان پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي (پي ايف ايس اي) جي ماهرن کي ٽي ٽيسٽ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مان ڪيترن ئي ادارن جي جاچ هيٺ آهيان، في الحال ڪوبه ٽيسٽ نه ڏيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.