پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتارين تي ڳڻتي آهي: آمريڪا

واشنگٽن(م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي گرفتاري تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري جون خبرون هنن ڏٺيون آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻن جي گرفتاري تي کين ڳڻتي رهندي آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هو قانون جي حڪمراني، آئيني ۽ جمهوري اصولن جي پرامن برقراري جي حمايت ڪري ٿو. ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته هو پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب انهن اصولن جو احترام ڪرڻ تي زور ڏين ٿا.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.