افغان ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ پاڪستان ايندي يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ( اي سي بي ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي شرڪت بابت پاڪستان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين واعظ اشرف ۽ نصيب خان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران اي سي بي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جي شرڪت جي خاطري ڪرائي.
اي سي بي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواهه رد ڪندي چيو ته اسان جي ٽيم پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.