ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا، ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سريلنڪن ٽيم جي قيادت چيراٿ اسالنڪا کي سونپي وئي آهي.
ٻين رانديگرن پاٿم نسانڪا، ڪوشل پريرا( وڪيٽ ڪيپر ) اويسڪا فرنينڊو، ڪوشل مينڊس( وڪيٽ ڪيپر ) ڪمينڊو مينڊس، داشن شاناڪا، ونندو هسارنگا شامل آهن.
ان کان سواءِ دونيٿ ولالاگي، مهيش ٿيڪشنا، وڪرما سنگهي، مٿيشا پٿيرانا، نوان ٿوشارا، دموٿ چميرا، بئنورا فرنينڊو ۽ دنيش چنديمل به سريلنڪن اسڪواڊ جو حصو آهن.
ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 27 جولاءِ کان شروع ٿيندي، سيريز جي ٻي ميچ 28 جڏهن ته ٽِين ۽ آخري ميچ 30 جولاءِ تي پاليڪلي ۾ کيڏي ويندي.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ ڪواليفاءِ نه ڪرڻ ۽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي سبب ونندو هسارنگا ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
You might also like