راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني کان لاهور پوليس جي جاچ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو جڏهن ته عمران خان پنجاب فارنزڪ ٽيم کي ٽيسٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، لاهور ۾ داخل 9 مئي جي ڪيسن جي جاچ دوران لاهور پوليس پي ٽي آءِ باني کان مختلف سوال ڪيا، پي ٽي آءِ باني سوالن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تي يقين ناهي، جاچ آفيسر چيو ته اوهان سهڪار ڪريو اسان اوهان سان انصاف ڪنداسين.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي جاويد آصف جي خاطري تي پي ٽي آءِ باني پندرنهن منٽن تائين سوال جا جواب ڏنا.
ذريعن موجب، جاچ دوران پي ٽي آءِ باني پنجاب فارنزڪ ٽيم جي ماهرن کي 3 ٽيسٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مختلف ڪيسن ۾ جاچ هيٺ آهيان، فلحال ڪا به ٽيسٽ نه ڪرائيندس، ان حوالي سان بعد ۾ پوليس کي وقت ڏيندس.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب فارنزڪ پولي گرافڪ، وائس ميچنگ ۽ فوٽو گراميٽري ٽيسٽ ڪرڻا هئا.
جاچ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد لاهور پوليس جي جاچ ٽيم اڊيالا جيل مان رواني ٿي وئي.
You might also like